سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ بيضابطگين خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري 22 مئي تي جواب طلب، درخواست گذار پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا رد ڪري ساک رکندڙ ٽيسٽنگ سروس کان ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواستگذار ارشد حسين شيخ ان پرسن درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل ريڪروٽمنٽ پاليسي 2021 کي نظر انداز ڪيو آھي، پيپرز ۾ بي ظابتگيون ڪيون پيون وڃن، پيپر سنڌ جي نصاب کي ڇڏي انڊين ويب سائيٽ تان کنيو ويو، پبلڪ اسڪول ڪميشن جي امتحان جا ٿيندڙ پيپر ليڪ ٿيا آھن، جنھن جا ثبوت رلي ۽ چادرن واريون تصويرون آھن، تازو ورتل ٽيسٽون رد ڪري ٻيھر سٺي ساک رکندڙ ٽيسٽنگ سروسز کان ٽيسٽ ورتي وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڌرين کان 22 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.