ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ بوڪ بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ  تعليم کاتي پاران صوبي ۾ هر سال نصابي ڪتابن جي کوٽ وارا معاملا سامهون اچڻ بعد سرڪاري اسڪولن ۾ بُڪ بينڪ قائم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري سمورن ڊائريڪٽرن توڙي ڊي اِي اوز کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ بوڪ بينڪ قائم ڪيون وڃن ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته تعليمي سال مڪمل ٿيڻ بعد شاگردن کان سرڪاري ڪتاب واپس وٺي بُڪ بينڪن ۾ رکيا ويندا. جڏهن ته امتحاني نتيجن کي به ڪتابن جي واپسي سان مشروط ڪيو ويندو، ان حوالي سان تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته اسڪولن ۾ نصابي ڪتابن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ  لاءِ بُڪ بينڪ قائم ٿيڻ سان شاگردن کي فائدو ٿيندو، ڪتابن جي هر سال ڇپائي تي وڏي رقم خرچ اچي ٿي، نصابي ڪتاب تعليم کاتي جي ملڪيت آهن، انهن جي حفاظت جي به کاتي جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته جن اسڪولن جا هيڊ ماستر بُڪ بينڪ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.