سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي خراب صورتحال بعد ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صحافي لالا شهباز پٺاڻ جي طرفان سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن و امان جي خراب صورتحال سبب پوليس ۽ فوج جو ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن بابت درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل بريسٽر خان عبدالغفار خان موقف اختيار ڪيو ته ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين جا محفوظ ٿاڪ آهن جتي پوليس به نٿي پهچي سگهي، شھيد جان محمد مهر  ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن ڪچي جي ڏوهارين وٽ پناهه ورتي آهي، ڏوهاري ماڻھن کي ڀنگ لاء اغوا ڪري قيد ڪري رهيا آهن، ٻه سال اڳ سکر جي سنگرار واري علائقي مان معصوم نياڻي پريا ڪماري کي به اغوا ڪيو ويو هو. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته پاڪ فوج ۽ رينجرز سان سنڌ پوليس گڏجي ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن ڪري امن و امان ڪرائي. وڪيل موجب عدالت سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي