حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ شڪي مقابلن وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، بلديا ۽ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس 2 ڄڻا هاف فراءِ ڪري ڇڏيا، مقابلن جي دعويٰ، هفتو اڳ ڦليلي پوليس هٿان هاف فراءِ ٿيل مبينا ڏوهاري ڪراچي اسپتال ۾ فوت، وارثن پاران پوليس تي 30 لک رپيا رشوت گهرڻ جو الزام، آءِ جي سنڌ کان جعلي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو. رپورٽ موجب ضلعي جي مختلف علائقن ۾ قائم ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز پاران ڏوهاري ڄاڻائي نوجوانن کي شڪي مقابلن ۾ هاف فراءِ ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته بلديا ٿاڻي جي پوليس نيشنل هاءِ وي تي گشت دوران موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڏوهارين سان مقابلو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڄڻو ذوالفقار علي مڱريو زخمي ٿيو. ساڳئي ريت ٽنڊو يوسف پوليس پاران به دعويٰ ڪئي وئي ته گشت دوران اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلي ۾ محمد جميل عرف مشڪي يوسفزئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمي ڏوهارين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سندن قبضي مان پوليس 2 ٽي ٽي پستول مليا آهن. مٿن پوليس سان مقابلي ۽ اسلحي هٿ اچڻ ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڏوهي رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ڦليلي پوليس هٿان هفتو اڳ ڏوهاري ڄاڻائي مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوان ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. وارثن پاران پوليس تي نوجوان کي گرفتار ڪري آزادي لاءِ لکين رپيا نه ڏيڻ بعد جعلي مقابلي ۾ مارڻ جا الزام هنيا ويا آهن.

ڀاءُ  سجاد کي پوليس گهران کنڀي وئي هئي: ريحانه سولنگي

حيدرآباد: ٽنڊو آغا جي رهواسڻ ريحانه سولنگي جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ سجاد عرف سجو کسوري کي پوليس 27 اپريل تي گهران کنڀي گم ڪيو ۽ 3 ڏينهن لاڳيتو قيد ۾ رکي کيس گوليون هڻي 30 اپريل تي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي. متاثر عورت موجب ته ايس ايڇ او زاهد پنهور، محبوب برهماڻي ۽ پوليس مخبرن رجب، نعمان ۽ مومون سندن گهر ۾ داخل ٿيا جن ڀاءُ سجاد سولنگي کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو جتي کيس هو ڇڏائڻ لاءِ ويا ته ڄاڻايل پوليس عملدارن کانئن 30 لک رپيا رشوت طلب ڪئي ۽ انڪار تي سندن ڀاءُ کي بيگناهه ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيو ۽ علاج لاءِ سول اسپتال ۾ دير سان پهچڻ سبب سندن ڀاءُ جي حالت خراب ٿي وئي جنهن کي بعد ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هو اربع ۽ خميس جي وچ واري رات فوت ٿي ويو آهي.

 

پوليس نوجوان سجاد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ، فوتگي جو ذڪر نه ڪيو

حيدرآباد:پوليس ترجمان 30 اپريل 2024ع تي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته ڦليلي پوليس جڙيل شاهه قبرستان وٽ مبينا مقابلي ۾ سجاد عرف سجو کسوري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جنهن جي قبضي مان کين ٽي ٽي پستول ۽ 2 ڪلو چرس به مليو آهي پر پوليس ترجمان پاران جوابدار جي فوت ٿيڻ بابت ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي هئي.

ڪاغذ تي صحيح وٺي احتجاج نه ڪرڻ جي شرط تي پوليس لاش ڏنو هو: وارث

حيدرآباد: علاج دوران فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس رات جي اونڌاهي ۾ پنن تي صحيحون وٺي لکرايو ته هو سندن خلاف ڪو احتجاج نه ڪندا، ان شرط تي کين لاش فراهم ڪيو ويو.

مورو ۾ 2 جوابدار هاف فراءِ: پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ

مورو (ن پ ا) مورو ۽ سڌوجا پوليس مبينا مقابلي ۾ 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مورو پوليس موجب ڦردو موري وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ھڪ جوابدار ظھير چانگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کي مورو اسپتال آندو ويو، جتان کيس نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي سڌوجا پوليس موجب مقابلي دوران ھڪ جوابدار طارق ڀٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنھن وٽان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار مختلف ڏوھن ۾ ملوث آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ھوڏانھن جوابدارن جي وارثن جو چوڻ آھي ته پوليس سندن نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪيو آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.