پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي ھٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، ناري جي گهران نڪرڻ تي گهرن تي حملي جي پلاند ۾ نوجوان کي مارڻ جو چوٻول، خبر موجب قومي شاھراهه تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان نويد جنگو مھر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته ھٿياربندن اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آھي، بائجي پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن اڃا قاتلن جي نشاندهي ناھي ڪئي، مامري جي جاچ ڪئي پئي وڃي، وارثن جي اچڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، ٻئي پاسي چوٻول آھن ته نوجوان کي ڪلھوڙا برادري جي ھٿياربندن پراڻي دشمني تان قتل ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل سال ناري جي گھران نڪرڻ تي مھر برادري جي ھٿياربندن ڪلھوڙو برادري جي ڳوٺ تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ٻن عورتن سميت ٻارڙي کي اغوا ڪيو هو، جنھن جي پلاند ۾ نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.