سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ نجي ڪلينڪ تي تيز بخار دوران انجيڪشن لڳڻ بعد بيهوش ٿيل عورت فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، ڊاڪٽر تي غلط انجيڪشن لڳائڻ جو الزام، خبر موجب هڪ هفتو اڳ ڳوٺ مجيد ڪيريو واسڻ ريشمان زال قربان لاکو تيز بخار سبب نجي ڊاڪٽر حامد خانزادهه جي ڪلينڪ تي دوا لاءِ آئي، جنهن کي ڊاڪٽر پاران تيز بخار دوران انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن بعد عورت بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ڊاڪٽر پاران نوابشاهه کڻي وڃڻ جو چيو ويو، جيڪا هڪ هفتو آءِ سي يو ۾ هجڻ بعد ڪالهه فوت ٿي وئي، وارثن عورت جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، عورت جي مڙس قربان لاکو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته تيز بخار ۾ ريشمان کي ڊاڪٽر غلط انجيڪشن لڳائي جنهن سبب هوءَ بيهوش ٿيڻ بعد تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر حامد خانزادهه خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، احتجاج دوران ڊاڪٽر حامد خانزادهه ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، سندس گهرواري ڊاڪٽر امبر ٻڌايو ته مريض عورت کي اسان علاج ڪيو هو، جنهن بعد سندس حالت خراب ٿيڻ تي کيس نوابشاهه منتقل ڪيو هو، هوڏانهن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه وٽ ٻنهي ڌرين فيصلو رکي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.