مٺي ( رپورٽر ) مٺي جي خانگي اسپتال ۾ نوجوان حامله ناري ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب تڙپي تڙپي فوت،وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي غلط علاج ڪري مارڻ جو الزام،وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مٺي ٿاڻي تي درخواست داخل، مٺي جي خانگي اسپتال مڌر نيل ڪنٺ تي 8 مهينن جي حامله 24 ورهين جي نوجوان ناري شنيلا زال دليپ ميگهواڙ صرف رت جي بوتل لڳائڻ لاءَ ويئي ته  ڊاڪٽرياڻي سندس علاج ڪيو، ناري جي حالت خراب ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرياڻي کيس دل جي تڪليف جو عذر ڄاڻائي مٺي جي دل واري اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ته وچ رستي ۾فوت ٿي ويئي، وارثن سومجي پرمار،دليپ پرمار ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته صحتمند ناري کي صرف ڊاڪٽرياڻي جي مشوري تي رت جي بوتل لڳرائڻ لاءِ وٺي آياسين ته ڊاڪٽرياڻي جي غلط علاج سبب هو فوت ٿي ويئي،هنن چيو ته ڊاڪٽرياڻي ڪوشيلا ناري کي آخري پساهن ۾ پاڻ بچائڻ لاءِ اسانکي ريفر ڪري دل جي اسپتال روانو ڪيو پر هو وچ رستي ۾ فوت ٿي ويئي، ڊاڪٽرياڻي جي غلط علاج سبب ناري جي طبيعت خراب ٿي ۽ سندس موت جي ذميوار ڊاڪٽرياڻي آھي، هنن چيو ته اسان  هن واقعي کي قتل سمجهون ٿا۔ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي،ناري جي پيٽ ۾ 8 مهينن جو ٻار به فوت ٿي ويو، ٻن قتلن جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته عدالت ۾ وڃڻ سميت روڊن تي ڌرڻا هڻنداسين، هوڏانهن مٺي جي پرمار ڪالوني ۾ ناري جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.