دوڙ (ن پ ا) دوڙ ۾ ڊاڪٽرن پاران زنده شخص فوتي قرار، غسل وقت اٿي ويهي رهيو، اسپتال نيئندي فوت، وارثن جو احتجاج، تفصيل موجب، ڏاهري برادري جي ماڻهن رورل هيلٿ اسپتال دوڙ جي گيٽ سامھون لاش رکي ڌرڻو هڻي نوابشاھ -دوڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي فوتي محمد موسيٰ ڏاهري جي پٽ ادريس ڏاهري، سئوٽ حاجي هارون ڏاهري، ڪاشف علي ڏاهري ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته صبح جو محمد موسيٰ ڏاهري جي طبيعت خراب ٿي وئي ته کيس دوڙ اسپتال وٺي پهچايو ته ڊاڪٽر عبدالله شيخ ٻڌايو ته فوت ٿي ويو آهي، غسل ڏيڻ وقت محمد موسيٰ جو جسم حرڪت ۾ اچي ويو ته هو اٿي ويهي رهيو، کيس ٻيهر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھه نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو، هنن چيو ته نوابشاھه اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته همراهه صرف 20 منٽ اڳ ۾ فوت ٿيو، جيڪڏهن جلد علاج ڪيو وڃي ها ته بچي وڃي ها، هنن اپيل ڪئي ته ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي دوڙ حبيب الرحمان لاشاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي متاثرن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر امير علي عباسي ٻڌايو ته واقعي جي انڪوائري لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، 24 ڪلاڪن اندر واقعي بابت رپورٽ ڏني ويندي، رپورٽ اچڻ کان اڳ ڪجھه به نه ٿو چئي سگهجي.