سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ڀٽي محلا لال مشائخ ۾ گذريل 12 ڏينهن دوران ڏيڍ ورهين کان پنج ورهين جا 5 ٻارڙا اُرڙي وگهي فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ چئن ورهين جو عبدالرحمان ڀٽي، ڏيڍ ورهين جي شاهين ڀٽي، ڏيڍ ورهين جو آذان ڀٽي، پنج ورهين جو آيان ڀٽي ۽ ٽن ورهين جي صديقه شامل آهن، فوتي ٻارڙن جي وارثن موجب اسان روز ڪمائي روز کائيندا آهيون، ٻارڙن جي علاج لاءِ سول اسپتال سکر وياسين، جِتي اسان کي پرائيويٽ يا ڇانوڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، قرض وٺي به ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرايوسين پر هو فوت ٿي ويا، هنن ٻڌايو ته 10 کان 15 ٻارڙا اُرڙي ۾ مبتلا آهن، جن مان 3 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، صحت کاتو، سکر مان چونڊيل نمائندا ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، هنن مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي صحت کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٽيم کي ڳوٺ اماڻي اُرڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جو جوڳو علاج ڪرايو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايچ او سکر ڊاڪٽر وزير ڦل موجب سکر جي نجي اسپتال ۽ ڇانوڻي ۾ ٻارڙا ڪنهن ٻئي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد فوت ٿيا آهن، جن جا ڪارڊ به موجود آهن، باقي ٻارڙن جا سيمپل ورتا ويا آهن، اِن سان گڏ اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ ميڊيڪل ٽيم دورو ڪري 311 ٻارڙن کي ويڪسينيشن ڪئي آهي، صحت کاتو اِن بيماريءَ کان بچاءٌ جي لاءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، ٻارڙن جي والدين کي گهرجي ته ٻارڙن کي فوري طور تي مقامي اسپتال مان اُرڙي کان بچاءَ جي ويڪسين ڪرائين.