جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جھول لڳ ڳوٺ قاسم ڪيريو ۾ استاد پاران مبينا زيادتي جو نشانو بڻايل شاگردياڻي زرميانا جي گهر پ پ سينيٽر عيني مري پهتي، جنهن نياڻي جي خاندان کي انصاف جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي هن پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي، جوابدار سزا کان بچي نه سگهندو، هوڏانهن جھول پوليس ايبارشن ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل ايل ايچ وي رضيا ڪنڀر کي گرفتار ڪري سول جج سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جهن کانپوءِ جج فريادي شمشاد، نينگري زرميانا ڪيريو ۽ اسپتال عملي کي طلب ڪري ورتو ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي، جهن بعد ايل ايچ وي کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي ايس ايس پي سانگهڙ ڊي ايس پي جام نواز علي پرويز اختر قريشي جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، جهن م سنجهورو ۽ جھول جا ايس ايچ اوز ۽ انسپيڪٽر ڪوثر شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.