رتوديرو/وارث ڏنو ماڇي (نaمائندن وٽان )وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مکڻو عمراڻي ۾ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات دير سان هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ساٿي خان عمراڻي جو رهواسي 25 ورهين جو نوجوان ارشاد پٽ محمود عمراڻي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس زال آسودي سخت زخمي ٿي پئي، پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي کڻائي تعلقي اسپتال رتوديرو آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،  جڏهن ته زخمي عورت کي نازڪ حالت ۾ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اماڻيو ويو، مقتول جي رشتيدار علي گل عمراڻي ٻڌايو ته مقتول پنهنجي سهري جي گهر آيل هو، جتي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، اسان ڳوٺ وڃي جاچ ڪنداسين ته ڪهڙي ڳالهه تان واقعو ٿيو آهي.  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وارث ڏنو ماڇي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ سان ئي اسان واقعي واري جاءِ تي پهتاسين واقعي جو ڪوبه ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگھيو وڌيڪ هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن مقتول نوجوان جي سهري صدام عمراڻي جو چوڻ هو ته خيرپور جي جتوئي برادري جي ماڻهن جي عورت نڪري وئي هئي، اسان تي الزام هو، شڪ آهي ته انهن گهر تي حملو ڪيو آهي.