خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ابڙا پاڙي ۾ جوابدار 6 سالا ٻالڪ کي بدفعلي جو نشانو بڻائي کيس زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، علائقي واسين پيڇو ڪري جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري ورتي، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار الطاف ملڪ پنهنجي گھر ٻاهران راند ڪندڙ 6 سالا معصوم ٻالڪ ابوبڪر پٽ حفيظ چانڊيو کي کنڀي لياقت انڙ جي مينهن جي واڙي ۾ بدفعلي ڪئي ۽ کيس زخمي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، بعد ۾ علائقي جي ماڻهن جوابدار کي پڪڙي شاهه لطيف پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي ٻالڪ کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي، پوليس ٻالڪ جي وارثن جي فرياد تي جوابدار خلاف رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.