لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ دودائي جي رائيس ڪئنال تي ڪڙ تي قائم مسجد اندر پيش امام غلام ياسين چانڊيو طرفان 12 ورهين جي کٿابي نينگر بهاول پٽ بگن علي چانڊيو کي بدفعلي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو اهڙي واقعي جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ پيش امام کي کٿابي نينگر سان مسجد اندر بدفعلي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جنهن دوران ڳوٺاڻو پيش امام جو نالو کڻي ٿو ته ان وقت پيش امام مسجد مان فرار ٿئي ٿو. ان حوالي سان بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگر جي وارثن  دانهيندي چيو ته پيش امام غلام ياسين چانڊيو اسان جي نينگر کي مسجد اندر بدفعلي جو نشانو بڻائي ظلم ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پيش امام کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس کٿابي نينگر کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ چانڊڪا اسپتال مان نينگر جو ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي روحل کوسو اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو جنهن کان پوءِ اهڙي واقعي جو ڪيس بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگر بهاول چانڊيو جي والد بگن علي چانڊيو جي فرياد تي گناهه نمبر 2024/22 قلم 377، 295 تحت پيش امام غلام ياسين چانڊيو مٿان داخل ڪرايو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي روحل  کوسو پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ماهوٽا ٿاڻي تي نينگر جي والد بگن علي چانڊيو جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدار غلام ياسين ولد حسن علي چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ ڍهوليو خان چانڊيو جو رهواسي آهي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس طرفان متاثر نينگر جو ميڊيڪل ۽ جوابدار جو ڊي اين اي ڪرايو ويندو.