لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوٺي ڪلهوڙي وٽ زرعي زمين ۾ ڪڻڪ جي ديري تي ستل ٻن ڀائرن عبدالخالق ڪلهوڙو ۽ موٽڻ خان ڪلهوڙو کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، اهڙي سڌ پوڻ تي وارثن حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وارثن کان واقعي بابت تفصيل ورتا. وارثن ٻڌايو ته اسان جا نوجوان پنهنجي زرعي زمينن تي ڪڻڪ جي ديري تي ستل هئا ته ڏوهارين کين اغوا ڪري ويا آهن، اهڙو اطلاع پوليس کي پڻ ڏنو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڏوهارين جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي ۽ نه ئي اسان جي مغوين کي بازياب ڪرائي سگهي آهي. هنن پوليس جي اعلي اختيارين ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مغوي وارثن کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻن شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته ٻئي نوجوان ڪڻڪ جي ديري تي ستل هئا جنهن جي ڳولا لاءِ پيرا کڻائي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن اهڙي واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو  روحل کوسو سان رابطو ڪري کيس هدايت ڪئي آهي ته مغوين کي حفاظت سان بازياب ڪرائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.