گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي گهوٽا ۽ ڀيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو، ٻنهي ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 60 لک روپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ، خبر موجب گهوٽا  ۽ ڀيري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جاري چوڻي تڪرار جو نيبرو ڪنڌڪوٽ جي علائقي دڙي مير سندر سندراڻي ۾ پ پ ايم پي اي عابد سندراڻي ۽ علي نواز گهوٽو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ٻنهي ڌرين مٿان هڪ ٻئي جا 10 خون ثابت ٿيا، جنهن بعد گهوٽا ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 65 لک ۽ ڀيري ڌر مٿان 95 لک ڏنڊ مڙهيو ويو، جڏهن ته ٻئي ڌريون هڪ هڪ خون جي هڪ ٻئي کي ساک ڏينديون، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇا ئنجي وئي، ياد رهي ته گهوٽا ۽ ڀيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ اٽڪل ڇهن سالن کان خوني تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا گولين جو  کاڄ بڻجي ويا هئا جنهن ۾ 4 گهوٽا ۽ 6 ڀيري برادري جا ماڻهو شامل هئا.