اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪاميٽي جي سربراهه اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي طلب ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم ۽ ڊيڊلائين باوجود اسڪينڊل بابت رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، جاچ ڪاميٽي جي سربراهه ڪامران علي افضل چيو آهي ته ڪاميٽي ۾ ٽي او آرز جي اضافي سبب وزيراعظم کي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامران علي افضل چيو ته ڪڻڪ جي اسڪينڊل بابت ميڊيا جو ڪردار غير ذميواراڻو آهي، هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي طلب ڪري رهيا آهيو؟ ڪاميٽي جي سربراهه جواب ۾ چيو ته ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي، توهان اهڙيون خبرون ڇو ٿا هلايو.