اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوامي ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري متعلق ڪيس ۾ وفاق سميت چئني صوبن عوامي منصوبن تي ذاتي مشهوري  نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، سپريم ڪورٽ سال 2023 ۾ هڪ فيصلي ۾ ترقياتي منصبن بابت اهڙو فيصلو ڏنو هو ۽ وفاقي سميت چئني صوبائي حڪومتن کان حلفي بيان طلب ڪيو هيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا هئا ته هر صوبو ذاتي اشتهاري مهم واري معاملي تي متحد آهي. ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ۾ ڪيترا لا آفيسر آهن؟ جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل جواب ڏنو ته 80 لا آفيسر آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 80 لا آفيسرن جي بٽالين آهي پر اسلام آباد ۾ ڪو مستقل لا آفيسر ناهي. صوبائي لا آفيسرن موجب بلوچستان ۾ 18، ڪي پي ۾ 40، جڏهن ته پنجاب ۾ 86 لا آفيسرن آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن پر سنڌ ۾ 80 لا آفيسر موجود آهن. پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ لا آفيسرن جو تعداد 86 مان گهٽ ڪري 66 آندو ويندو. چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته سنڌ جي هر لا آفيسر کي ماهوار پنج لک روپيا پگهار ڏني ويندي آهي. ماهوار چار ڪروڙ رپيا صرف سنڌ جي عوام جي کيسن مان سنڌ جي لا آفيسرن ڏانهن ويندا آهن. اسان کي عدالت ۾ سنڌ جي لا آفيسرن پاران بهتر معاونت ناهي ملندي. وڊيو لنڪ ذريعي لا آفيسر پيش ٿيندا آهن پر آواز ٺيڪ ناهي ايندو. اسان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهيون پر ٻڌايو غريب عوام ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، هي جمهوريت کي مضبوط ڏسڻ چاهين ٿا. عوامي منصوبن تي ذاتي اشتهاري مهم واري معاملي تي سخت ترين سياسي مخالفين به هڪ پيج تي آهن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.