اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 9 مئي سانحي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي اڄ به ان موقف تي قائم آهي ته 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن ذريعي انڪوائري ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ سميت سڀني کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته جڊيشل ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪري قبول ڪرڻو پوندو،  بلاول چيو ته 9 مئي جا واقعا ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ جي ڪڌي سازش هئا، سڀني کي خبر آهي ته اهي مذمت جوڳا واقعا ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي ڪيا ويا، قائد اعظم جي گهر ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.