اسلام آباد: وفاقي وزيرن چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي معافي جي آڇ موجود آهي، ايبسليوٽلي ناٽ چوندڙ هاڻي آمريڪي سفيرن سان ملن ٿا، 9 مئي واقعي ۾ تحريڪ انصاف جا ماڻهو ملوث هئا، واقعن جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي، عدليه کي گذارش آهي ته 9 واقعن جي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائي، وفاقي وزيرن خواجا آصف ۽ عطاءُ الله تارڙ جي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج جي شهيد ڪيپٽن شير خان جو ڀارت به احترام ڪيو، 9 مئي تي پي ٽي آءِ وارن شهيدن جي يادگارن جو تقدس پائمال ڪيو، آمريڪا کي ايبسليوٽلي ناٽ چوندڙ هاڻي آمريڪي سفير سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، عطا تارڙ چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ باني جون 3 ڀينر  به ملوث آهن، ڇا سبب آهي جو هنن جي خلاف ڪنهن ڪيس داخل ڇو نه ڪرايو آهي؟  پي ٽي آءِ آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ ۽ سوديبازي وسيلي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، بچاءَ جي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ايبسوليوٽلي ناٽ چوندڙ آمريڪي سفير سان ملي رهيا آهن، جيڪو پهرين چوندو هو ايبسوليوٽلي ناٽ، هاڻي کين چوي ٿو ته اسان جو ڪجهه ڪريو، هُنن آمريڪي لابسٽ فرم کي به ڪرائي تي ورتو آهي،  پي ٽي آءِ باني لاءِ معافي جي آفر موجود آهي، معافي گهرڻ يا نه گهرڻ سندس مرضي آهي.