لاهور(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته 9 مئي جا جوابدار سخت کان سخت سزا جا مستحق آهن جيڪي دهشتگرد نه ڪري سگهيا اهو گذريل سال 9 مئي تي ڪيو ويو، جناح هائوس جي دوري دوران مريم نواز ڳالهائيندي چيو ته عدالت کان سوال ڪرڻ چاهيان ٿي ته جن ماڻهن اسان جي ملڪ تي حملو ڪيو انهن کي سزا ڇو ناهي ملي، ملوث سمورن عناصرن کي سزا ملڻ گهرجي، سانحو ڪندڙ دهشتگرد تنظيم آهي ۽ دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن 9 مئي تي حملي ڪيا هئا ڇا انهن ماڻهن ڪنهن شهيد کان هن وقت تائين معافي ورتي توهان تي سياسي ظلم ناهي ٿي رهيو توهان جيڪو پوکيو آهي اهو ئي لُڻي رهيا آهيو.