اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) 9مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ سڌي ريت ذميوار قرار، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9مئي رياست، فوج ۽ آرمي چيف جنرل عاصم خلاف سازش هئي، پوري قوم سوال پڇي رهي آهي ته ذميوارن کي سزا ڇو ناهي ملي. وفاقي ڪابينا جو ڪالهه خصوصي اجلاس ٿيو، نگران وفاقي وزيرن تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي، نگران حڪومت دوران ڪرايل جاچ ۾ 9 مئي واقعن جي تحريڪ انصاف سڌي ذميوار قرار ڏني وئي، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف رد نه ڪرڻ جوڳا وڊيو ثبوت موجود آهن، پي ٽي آءِ قيادت 9مئي واقعن ۾ ملوث هئي، پي ٽي آءِ قيادت منصوبو ٺاهيو ۽ ان تي عمل ڪرايو. جاچ ڪاميٽي پاران 9 مئي واقعن جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ڪاميٽي سفارشن ۾ چيو آهي ته سرڪاري ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي ڪارروائين کي سنگين ڏوهه قرار ڏنو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جو 9 مئي سانحي بابت وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي جو منصوبو پاڪستان، رياست، فوج ۽ آرمي چيف خلاف بغاوت هئي، اها بغاوت ۽ ادارن ۽ عوام کي ورهائڻ جي سازش هئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي، هن چيو ته قوم ۽ تاريخ 9مئي سانحي جي ذميوارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، 9 مئي رياست تي سياست کي قربان ڪرڻ ۽ سياست لاءِ رياست تي حملي جي ٻن سوچن کي ڌار ڪرڻ جو ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ته هڪ پاسي وطن لاءِ رت ڏيندڙ قوم جا عظيم پٽ، سندن خاندان ۽ محب وطن عوام آهي ته ٻئي پاسي نفرت جي باهه ۾ سڙندڙ ڪردار آهن، هي اهي ڪردار آهن جن جي دل ۾ رياستي مفادن جو ڪو به درد نه آهي، شهيدن ۽ قوم سان وعدو آهي ته 9 مئي وري ڪڏهن نه ٿيندو، اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي بغاوت جو منظم منصوبو هو، قوم سوال پُڇي ٿي ته هڪ سال گذرڻ باوجود هيل تائين 9 مئي جي ڏوهارين کي سزا ڇو نه ملي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا پاران 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد منقطي انجام تي پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن کانسواءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن نويد قمر ۽ شيري رحمان جي به شرڪت ڪئي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ شهيدن جي پونيئرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته قانون ۽ انصاف پنهنجو رستو ٺاهيندا، 9 مئي کي قيامت تائين ورجائڻ نه ڏنو ويندو، 9 مئي سانحي ۾ بيڏوهه ماڻهن کي ڪير به هٿ لڳائيندو.