پشاور (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي ڌانڌلي خلاف تحريڪ روڪڻ ۽ ان لاءِ آڇ ڪئي وئي پر اسان جو مينڊيٽ عوام وٽ آهي، هاڻي اسان ڌمڪين تي خاموش نه رهنداسين ۽ جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهيون، هاڻ فيصلو ميدان ۾ ئي ٿيندو. پشاور ۾ عوامي اسيمبلي جلسي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته هاڻ سيڪيورٽي فورسز کي قبائلي علائقن مان نڪري وڃڻ گهرجي، اسان مان وڌيڪ اميد نه رکي وڃي، منهنجو اهو ڏوهه آهي ته مون قبائلي علائقن ۾ آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي. فضل الرحمان چيو ته ريڪوڊڪ بلوچن جي ملڪيت آهي پر قانونسازي ڪري کين حق نه ڏنو ويو، هن چيو ته ڪارڪنن جو جلسو ملين مارچ کان وڌيڪ آهي، ڪارڪنن هڪ ڀيرو ٻيهر پيغام ڏنو آهي ته جعلي اسيمبليون قبول ناهن، هي حڪومتون عوام جون نمائنده حڪومتون ناهن، اسان عوام جي عزت نفس جو ڪيس کڻي آيا آهيون، فضل الرحمان چيو ته چون ٿا ته اليڪشن جي حوالي سان فوج جو ڪو به ڪردار ناهي، قانون، آئين ۽ رولز ۾ اهو ناهي ته فوج سياست تي ڳالهائي، نه ئي آئين ۾ ان جو ڪوئي ڪردار آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته فوج رياست جي محافظ آهي ڇو ته ان سياست ۾ حصو نه وٺڻ جو حلف کنيو آهي، آئون دعويٰ ڪريان ٿو ته اوهان سياست ۾ حصو ورتو آهي، اوهان معاملا ٺيڪ ڪريو، سياست تان هٿ کڻو پنهنجي پوزيشن ۾ واپس وڃو، اوهان سياست مان مداخلت ختم ڪري واپس پنهنجو ذميواريون انجام ڏيندا ته آئون ڪجهه نه چوندس. جي يو آءِ سربراهه اعلان ڪيو ته پهرين جون تي مظفرڳڙهه ۾ عوامي مارچ ڪنداسين، چونڊ نتيجن کي رد ڪنداسين، اسٽبلشمينٽ لاءِ پيغام آهي ته هاڻ اسان غلامي واري زندگي گذارڻ نٿا چاهيون.