اسلام اباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪي پي حڪومت کان ترقياتي فنڊز آئين ۽قانون مطابق خرچ ڪرڻ متعلق رپورٽ طلب ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي، هِتي ڪا بادشاهت ناهي، پاڪستان ۾ عوام ڪنهن حڪمران جي رعايا ناهي. مقابلو ڪرڻو آهي ته اِن ڳالهه تي ڪريو ته ڪهڙي سياستدان ڪيترو انڪم ٽيڪس ڏنو. پنهنجي ذاتي کيسي مان ترقياتي ڪم ڪرائين ته تختيون ضرور لڳائين. اسيمبلي وڃڻ جو بنيادي مقصد قانونسازي ۽ فنڊز خرچ ڪرڻ جي اجازت وٺڻ هوندو آهي. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته ترقياتي اسڪيم جي نالي تي ميمبر اسيمبلي ڪروڙِن روپيا اُڏاريندا آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسيمبلي ۾ ڇو ڊڄندا آهن؟ فنڊ خرچ ڪرڻا آهن ته اسيمبليءَ مان منظور ڪرايا وڃن. آخر ڪڏهن پاڪستان کي صحيح طريقي سان هلائيندا؟ ميمبر اسيمبلي کي لينڊ ڪروزر وٺڻي هوندي آهي ته فوري پئسا نڪري ايندا آهن. لينڊ ڪروزر خريد ڪرڻ لاءِ اسيمبلي مان منظور ورتي وڃي. جن پاڪستان ٺاهيو انهن جو قدر ناهن ڪندا. آمريڪا ۾ تعليمي ادارا ماڻهن پنهنجي کيسي مان ٺاهيا آهن، آزادي جو مطلب آهي آزاد ماڻهو، هڪ جي غلامي ڇڏي ٻئي جي غلامي نه وٺڻ گهرجي. چين ۾ وزير سان اسيمبلي ميمبر تائين سڀ سائيڪل تي ويندا آهن. هي ماڻهو پاڪستان ۾ لينڊ ڪروزر خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته جيڪو ڪم پرويز الاهي دور ۾ ٿي رهيو هو پنجاب ۾ هاڻي به اهو ئي ڪم ٿي رهيو آهي. منصوبن جو افتتاح ڪري ڪريڊٽ ڇو ورتو ويندو آهي. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته مقامي حڪومتن وٽ وسيلا ئي ناهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته تختيون آزادي جي لاءِ وڙهندڙن جي نالي لڳايون وڃن. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته قانونسازي ڪندڙ ڪنهن ٻئي ڪم ۾ لڳي ويا آهن.