ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ڪامورن جون بدليون: توانائي، لائيو اسٽاڪ ۽ بورڊ کاتن جا سيڪريٽري تبديل، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري پاران يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري  نور احمد سمون ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري حفيظ سيال کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته توانائي کاتي جي سيڪريٽري 21هين گريڊ جي ڪاظم جتوئي کي بدلي ڪري لائيو اسٽاڪ ۽ محمد عباس بلوچ کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جو سيڪريٽري مقررڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل مصدق احمد خان کي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.