سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو سنڱ چٽي ڏنل 7 ورهين جي ٻارڙي جي پيرسن شخص سان شادي ڪرائڻ جي ڪوشش، انڪار تي مبينا طور بااثر شخص پاران ٻارڙي جي گهر تي فائرنگ، اِن ڏس ۾ ڳوٺ خرم جاگيراڻي واسي معصوم ٻارڙي جي امڙ مسمات حضوران، ڏاڏڍي مسمات مرادان خاتون احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته جهانگهڙو ٿاڻي جي حد ۾ ٻه مهينا اڳ جوابدار زاهد پنهنجي گهرواري کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو هو، پوليس جوابدار زاهد کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته جوابدار بيگناهه منهنجي پٽ منير احمد مٿان ڪارنهن جو الزام لڳايو، ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر شخص سڪندر ڪارنهن الزام هيٺ قتل جو جرڳو ڪري منير احمد مٿان 45 لک روپيا ڏنڊ ۽ 7 ورهين جي ڀيڻ انيتا کي سڱ چٽي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو، بااثر شخص ٻارڙي جي پيرسن شخص سان شادي ڪرائڻ جي لاءِ گهر پهتو، ٻارڙي ننڍڙي هجڻ ڪري اسان جي انڪار ڪرڻ تي بااثر شخص ساٿين سميت گهر تي فائرنگ ڪري هراسان ڪيو، هنن الزام مڙهيو ته بااثر شخص سڪندر منهنجي پٽ مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ اسان جي 7 ورهين جي نياڻي انيتا جو نڪاح پيرسن شخص فتح محمد سان ڪرائڻ چاهي ٿو، اهڙي اطلاع پوليس کي ڏنو پوليس پهتي پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو.