سکر (بيورو رپورٽ) 6 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل پيءُ پٽ جي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، جڏهن ته اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ سخت پريشاني ڦهليل آهي، بخش تيغاڻي نالي ڏوهاري وڊيو بيان جاري ڪندي الزام مڙهيو آهي ته منهنجي ڀاءُ کي پوليس واري علي جان لکڻ ۽ اڳوڻي ايس ايس پي عرفان سمون گڏجي قتل ڪيو هو، علي جان لکڻ جي چاچي ۽ ڀائيٽي کي مون اغوا ڪيو آهي، اغوا بعد پهريان تصديق ڪئي آهي ته مهنجي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو هو، هاڻي جيڪڏهن منهن نه ڏنو ويو ته ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيندس، واضع رهي ته 6  ڏينهن اڳ ڪچي ۾ بهه جو سودو ڪري واپس ايندڙ گهرام لکڻ ۽ سندس پٽ وقاص لکڻ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا.