حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڊي سي عدنان رشيد سميت 4 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي سندن آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. 15 ڏينهن اڳ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي جوابدارن جي 15-15 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪئي. مٽياري موٽروي ڪيس ۾ گرفتار معطل ڊي سي عدنان رشيد وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، سنڌ بئنڪ جي ريجنل مينيجر تابش شاهه وڪيل عشرت علي لوهر، روپوش ڊي سي تاشفين عالم جي سالي سعود الحق وڪيل ارشد شر ۽ مختيار چانڊيو وڪيل شهاب سرڪي معرفت درخواست ضمانت لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون هيون. 24 اپريل 2024ع تي گڏيل طور درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس ڪريم خان آغا ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني هئي ته 2023ع دوران مٽياري موٽروي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيڻ بعد ٽرائل دوران 6 گواهن بيان رڪارڊ ڪرايا هئا پر 17 جنوري 2024ع تي ٻيهر نوشهروفيروز ۾ ٿيل ڪرپشن وارو سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪري اڳ ئي ظاهر ڪيل جوابدار ۽ شاهد به پڌرا ڪيا ويا. نيب وري نوشهروفيروز وارو ريفرنس داخل ڪري ڪيس گڏائي ڇڏيو جنهن بعد عدالت 42 جوابدارن تي گڏيل طور فرد جرم لاڳو ڪري رڳو 3 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا. وڪيلن عدالت کي اها به آگاهي ڏني هئي ته ريفرنس ۾ 200 کان وڌيڪ گواهه آهن جيڪي خبر ناهي ڪيستائين ٽرائل دوران پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندا ان ڪري ڏيڍ سال کان جيل ۾ قيد جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ نيب جوابدارن جي ضمانت بابت عدالت ۾ سخت مخالفت ڪئي پر تنهن هوندي به عدالت سندن ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته جوابدار 15-15 لک رپيا جمع ڪرائي رسيدون ايڊيشنل رجسٽرار معرفت عدالت کي فراهم ڪندا جنهن بعد سندن نارا جيل مان آزادي ممڪن بڻجي سگهندي.