ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته 9 مئي تي قوم کي ورهائڻ جي سازش سٽي وئي، ملڪ دشمن سدائين وطن خلاف سازشون ڪندا رھندا آھن، سازش کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ آخرڪار کين ھڪ شخص ملي ويو، پوءِ سازش شروع ٿي، پاڪستاني قوم اتحاد ۽ يڪجھتي سان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڪالهه سنڌ اطلاعات کاتي پاران قوم جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  ڪوٺايل پيغام امن ڪانفرنس کي  خطاب ڪندي هن چيو ته  ملڪ جي پھرين جمھوري چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي 4 اپريل 1979 تي شھيد ڪيو ويو، 40 سالن بعد عدالت معافي گھرندي  چيو ته اسان غلط ڪيو ھو، شهيد ڀٽو جي شهادت  وقت ڪارڪنن پاڻ ساڙي رھيا ھُئا، ان وقت جيالن کي ڪوڙا ھنيا ويا، تڏھن بھ اهي جيئي ڀٽو جا نعرا لڳائيندا رھيا.ھن چيو ته جڏھن 1988 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ۽ شھيد بينظير ڀٽو وزير اعظم بڻي، تڏھن مخالف ڊنل ۽ پريشان هئا ته بينظير ڀٽو کانئن بدلو وٺندي، 7 جون 1989 تي آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪندي بينظير ڀٽو چيو تھ جمھوريت ھڪ بھترين انتقام آھي. شھيد بينظير ڀٽو کي ملڪ دشمن دھشتگردن 27 ڊسمبر 2007 تي شھيد ڪيو، 27 ڊسمبر 2007 واري ڏينھن آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، ٻئي پاسي ھڪ شخص ( عمران خان) نفرتون وڌايون ۽ قوم کي ورھايو، 9 مئي واقعي پُٺيان ھڪ وڏي سازش ھُئي، جنھن جي مذمت ڪريان ٿو.  اسان سڀ ملڪ جي شھيدن جا وارث آھيون، جيستائين اسان زنده آھيون ھن ملڪ کي ڪوبه نقصان نھ پھچندو، هن چيو ته پرامن احتجاج جمھوريت جو حصو آھي پر ملڪ کي نقصان پھچائڻ غداري آھي. ھن چيو ته   دشمن سان گڏجي ملڪ کي تقسيم ڪرڻ واري سازش جي ڪابه معافي ناھي، اطلاعات واري  سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار پاران  9 مئي جو ڏينھن امن جي ڏينھن طور ملھايو پيو وڃي، اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسان پرامن ۽ امن سان محبت ڪرڻ واري قوم آھيون.  گذريل سال اڄوڪي ڏينھن تي ڪجھھ ڏڦيڙ پسندن ملڪ جو ڪلچر خراب ڪيو، اسان جي نوجوان نسل کي گمراھھ ڪيو  پاڪستان جي باني قائد اعظم جي گھر کي باھھ ڏني وئي، شھيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ڪراچي ۾ بسن کي باھ ڏني وئي، 9 مئي تي جيڪو ڪجھھ ٿيو، اھو ملڪ ۽ قوم ۽ نئين نسل لاءِ صحيح نھ ھو. هن چيو ته آمريڪي ڪيپيٽل ھل ۾ وڳوڙ ڪندڙن کي 18 سال قيد جي سزا آئي، ھتي رعايت ڇو ڏني وڃي؟  ڏوھھ جيلن ۾ بند اسان جي نوجوانن جو نه پر سندن ذھن سازي ڪرڻ وارن جو آھي، ڪانفرنس کي شھيدن جي وارثن خطاب ڪندي چيو تھ اسان قيدي نمبر 804 کي چئون ٿا ته اچي معافي وٺي ۽ نئين سفر جو آغاز ڪري، ڪانفرنس ۾ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.  ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاھه ، ضياءِ لنجار، حاجي علي حسن زرداري، سعيد غني، ذوالفقار شاھه ، سردار شاھھ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه ،  ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان مراد، صوبائي سيڪريٽريز، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.