ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي مطالبو ڪيو آھي ته 9 مئي واقعي جي جاچ ڪٿي پھتي،  ملوث  ماڻهن خلاف ڪھڙي ڪارروائي ٿي؟  اھي تفصيل منظر عام تي آندا وڃن، ڪالهه  پاڪستان ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  9 مئي واري واقعي کي ھڪ سال گذري چڪو آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو واقعو ڪڏهن به ناھي ٿيو، هن چيو ته  اسان کان ته انھي جو به بدلو ورتو ويو،  جيڪو اسان ڪيو ئي نه ھو، هن چيو ته  قوم کي  ٻڌايو وڃي ته 9 مئي بابت ادارن جي جاچ ڪٿي پھتي؟ 9 مئي کي پاڪستان تي حملو چئي سگهجي ٿو يا نه ؟ ھن چيو ته دفاعي ادارن وٽ اھم ترين ذميواريون آھن، اسان کي انھن کان ڪو به اضافي ڪم نه  وٺڻ گھرجي ۽ نه ئي ئي سوال اٿارڻ گھرجن،  اسين سياستدان نه چاھيندي به چوندا آھيون ته رياست کي سياست کان پري رھڻ گھرجي، ڇا پي ٽي آءِ  قيادت به اھو چوي ٿي؟ عمران خان وري چوي ٿو ته رياست سياست ۾ ملوث  ٿئي