ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور، سانحي جي ذميوارن کي سخت سزائون ڏيڻ جو مطالبو، ايم ڪيو ايم پاران ٺهراءُ جي حمايت: پي ٽي آءِ جي حامي ايم پي ايز پاران ٺهراءُ خلاف نعريبازي، ايوان ۾ گوڙ ڪري واڪ آئوٽ ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ پ پ ميمبر سعديه جاويد پاران 9 مئي سانحي خلاف جمع ڪرايل مذمتي ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، ٺهراءُ ۾ اسيمبلي ميمبرن پاران9 مئي سانحي جي ذميوارن کي سخت سزائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو ته  9 مئي جي ذميوارن کي سزا ملندي ته رستو ڀلجي ويل نوجوان به واپس سڌي رستي تي اچي ويندا، هن چيو ته جهڙي نموني 22 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجي ملڪ دشمن اڳواڻ کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو، اهڙي ريت پي ٽي آءِ وارن کي به  ملڪ جي غدار کان لاتعلقي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ  چيو ته جنهن وقت دهشتگردن  بي نظير ڀٽو کي شهيد ڪيو،  ان وقت پورو ملڪ ٻري رهيو هو، اهڙي وقت ۾ به  آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو. هن چيو ته 9 مئي تي دشمنن سمجهيو ته اهي پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن پر عوام کين ناڪام بڻائي ڏيکاريو، پيپلزپارٽي (عورت ونگ) جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته 9 مئي پاڪستان لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، پي ٽي آءِ وارن کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هُنن ملڪ سان غداري ڪئي آهي، جيڪڏهن  هي ملڪ آهي ته اسين آهيون، ملڪ ناهي ته اسين به ناهيون، هن چيو ته عيد جي رات کيس اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو، هڪ شخص کي خوش ڪرڻ لاءِ مون کي بڪتربند گاڏي ۾ بند ڪري جيل نيو ويو، ڇاڪاڻ ته آئون آصف زرداري جي ڀيڻ هيس، صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته 9 مئي سانحو 27 سالن کان تيار ٿيندڙ اُنهي فلم جو ڊراپ سين هو، جيڪا وڏي عرصي کان  تياري هيٺ هئي، هن چيو ته ماضي جي غلطين مان سبق حاصل نه ڪيو ويو ۽ اهڙيون فلمون ٺهنديون رهيون ته ملڪ کي تمام وڏو نقصان پهچندو، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جيڪڏهن 2014 جي ڌرڻي دوران پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪندڙن کي سزائون ملن ها ته 9 مئي جو سانحو نه ٿئي ها، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي  توڙي ايم ڪيوايم ميمبرن پڻ  ٺهراءُ جي ڀرپور حمايت ڪئي، جنهن بعد ٺهراءُ متقفه طور تي منظور ڪيو ويو. جنهن بعد اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاڻايل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.