ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) مغوي محبوب ملڪ جي وارثن کي ڌاڙيلن فون ڪري بازيابي لاءِ 40 لک ڀنگ طلب ڪري ورتو، نوجوان جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. وارثن منظور ملڪ جو چوڻ هو ته غريب آهيون، روز ڪمائي گھر جو گاڏو هلايون ٿا، ڌاڙيلن پاران محبوب ملڪ جي بازيابي لاءِ 40 لک ڀنگ طلب ڪيو آھي، پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون. ٻئي پاسي 21 ڏينهن اڳ نجي بئنڪ جي 5 ملازمن جي بازيابي لاءِ به ڏوھارين پاران وارثن کان هڪ ڪروڙ ڀنگ گهريو هو. مغوين جي وارثن 11مئي ڇنڇر ڏينھن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد تنگواڻي لاڙو وٽ احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو آهي. مغوين جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته مغوين کي جلد بازياب ڪرائي گھرن جون رونقون ٻيھر بحال ڪرايون وڃن.