ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ مان هڪ مهينو اڳ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملھير اسٽاپ وٽان اغوا ٿي ويل 5 سال جي اياز پٺاڻ کي ڌاڙيلن زنجيرن سان ٻڌي ٽنگي اهڙي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، مغوي ٻالڪ جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن پاران بار بار وارثن ڏانهن فون ذريعي 40 لک ڀنگ طلب ڪيو هو، وڊيو سامهون اچڻ بعد نينگر اياز پٺاڻ جي والدين کي ڳڻتي ورائي وئي، هوڏانهن وڊيو سوشل ميڊيا تي باهه جيان ڦهلجي وئي،  پر حڪمرانن جو سنگين معاملي تي ڪوبه موقف نه آيو ۽ نه ئي حڪومتي ڌرين ڪا مذمت ڪئي. سوشل ميڊيا تي نينگر جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ۽ ادارن جي خاموشي تي سوال اٿاريا ويا.سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته ڪچي جي رهزن ڌاڙيلن خلاف بي رحم آپريشن ڪري انهن جو خاتمو آندو وڃي.ياد رهي ته نينگر اياز پٺاڻ جي بازيابي لاءِ مختلف وقتن تي انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻا هنيا ويا.  وارثن جو چوڻ هو ته پوليس اسان کي دلاسا ڏئي رھي آھي، نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي.