پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور9مئي جي حوالي سان عام معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي، اچو عام معافي جو اعلان ڪري اڳتي وڌون ٿا، چونڊن ۾ ڌانڌلي نه پر ڌانڌلو ٿيو آهي، ملڪ جي محافظن کي گهرجي ته ملڪ کي نا اهلن کان بچائي پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ واپس ڏيارين، هن چيو ته اهو اوهان جو ڪم ناهي اوهان  چئو ته سياست ۾ مداخلت ناهيون ڪندا ته نه ڪريو، اوهان معافي گهرڻ لاءِ چيو، جيڪڏهن اوهان ثابت ڪريو اسان جو گناهه آهي ته  معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن اسان ثابت ڪريون گناهگار ڪو ٻيو آهي ته پوءِ اسان کان معافي ڪير گهرندو؟ اوهان منهنجا محافظ آهيو  مون کي ٻڌايو، منهنجي گناهگار جو تعين ڪير ڪندو؟