لاهور/راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9مئي ڪيسن ۾ ورغلايل ماڻهن کي سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي شڪ جو فائدو ملي چڪو، اصل جوابدار کي حساب ڏيڻو پوندو، سمجهوتو ۽ ڊيل نه ٿيندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير لاهور گيريزن جو دورو ڪيو، آفيسرز کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته بنا شڪ 9مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن طور ياد رهندو، ان ڏينهن شرپسندن شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪئي، رياست ۽ قومي اتحاد جي علامتن تي حملا ڪيا، پرتشدد، ڪڌي ڪارروائين سان پاڪستان دشمنن کي رياست ۽ قوم جو مذاق اڏائڻ جو موقعو ڏنو ويو، آرمي چيف چيو ته هاڻ اهي ساڳيا سازشي عنصر نرڄائي سان بيانيو ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رياست کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، تاريخ جو ڪارو باب رقم ڪندڙن سان ڪوئي سمجهوتو يا ڊيل نٿي ٿي سگهي، ڪجهه ماڻهو مجرماڻي عنصرن جي ڪڌي سياسي مقصدن کي نه سمجهي سگهيا، انهن منصوبو ٺاهيندڙن پنهنجي خواهش جو ٻارڻ ٺاهيو، ان ورغلايل ماڻهن کي سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي پهريان ئي شڪ جو فائدو پهچايو ويو آهي، ان ڪريل منصوبي جا اصل اڳواڻ پاڻ کي معصوم ظاهر ڪن ٿا، هاڻ انهن کي پنهنجي ڏوهه جو حساب ڏيڻو پوندو، خصوصي طور جڏهن انهن جي ملوث هجڻ جا واضح ثبوت آهن. آرمي چيف چيو ته شهيدن، انهن جي وارثن يا اداري جي بيحرمتي ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي،9مئي جي منصوبا سازن، سهولتڪارن، جوابدارن کي قانون موجب ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ڏڦيڙين کي جواب نه ڏيڻ کي ڪمزوري ۽ اسان جي صبر کي لامحدود نه سمجهيو وڃي ، دشمن قوتون، انهن جا سرپرست، ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا سان ڊجيٽل ٽيررازم ڪري رهيا آهن، آرمي چيف چيو ته هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قوم جي حمايت سان انهن سمورين قوتن جي ادارن کي ناڪام بڻايو ويندو، آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر پنهنجي فرض ۽ ذميوارين کي اوليت ڏيندو آهي، پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر روزاني بنيادن تي قربانيون ڏئي رهيا آهن، آرمي چيف يادگار شهداءَ تي گل رکيا، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. آرمي چيف کي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف آفيسرن، جوانن کي قوم لاءِ خدمتون ڏيڻ ۽ سندن مهارت تي ساراهه ڪئي. هوڏانهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن سان ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون، پڌرائي موجب قومي تاريخ جي هن ڪاري ڏينهن تي برين واش ٿيل شرپسندن هڪ بغاوت ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن خلاف تشدد جو سهارو ورتو، شرپسندن ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس علامتن ۽ قومي ورثي جي ماڳن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، شرپسندن جو مقصد ملڪ ۾ هٿ ٺوڪيو ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هو، پاڪ فوج جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هٿياربندن فوجن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي تخريبڪارن، سندن سربراهن ۽ منصوبا سٽيندڙن جي ڪڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو، شرپسندن جو بنيادي مقصد افراتفري پکيڙي عوام ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ ٽڪراءَ کي هٿي ڏئي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ هو، شرپسند ڌرين 9 مئي بابت بيانيي کي ٽوڙي مروڙي پاڻ کي ان کان آجو ڪرڻ ۽ رياستي ادارن تي الزام مڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي، 9 مئي جي اصل ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته آئنده ڪير به قومي هيروز جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، اڄوڪي ڏينهن هٿياربند فوجون پاڪستان جي اندروني ۽  بيروني دشمنن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون، اسان جا شهيد ۽ هنن جا خاندان اسان جو فخر آهن، پاڪ فوج جو پاڪستاني عوام سان انتهائي خاص رشتو آهي.