سوال/سروي … سڄي سنڌ ۾ شديد گرمي باجود بجلي جي 20 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ، واپڊا وارا ذميوار آهن، پرائيويٽ ماڻهو رکي اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي: عوام

0
16

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته شديد گرمي: بجلي جي لوڊشيڊنگ: اوهان وٽ ڪيترو وقت بجلي هلي ٿي؟ ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته شديد گرمي باوجود 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، واپڊا ۽ حڪمران ذميوار آهن، واپڊا پاران پرائيويٽ ملازم به رکيا ويا آهن جيڪي اوڳاڙي ڪن ٿا ان جو نوٽيس ورتو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جي آر چانڊيو لکيو ته اسان وٽ منڍ جمڙائو ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ آھي خاص ڪري ٻھراڙي وارين لائن تي غيراعلانيل لوڊشيڊينگ جو آزار آھي 24 ڪلاڪن ۾ تقريبن 16 ڪلاڪن بجلي بند رھندي آهي انهي نااھلي جو ذميوار گرڊاسٽيشن تي مقرر ڪيل لوڪل پرائيويٽ عملو آھي، ذوالفقار علي شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ شھر ۽ ان جي آسپاس بي انتھا گرمي آھي، تقريبن پندرنهن کان سورنھن ڪلاڪ لوڊشيدنگ ھوندي آھي، جمشيد منگي لکيو ته نصيرآباد لڳ ڳوٺ واسو ڪلهوڙو 24 ڪلاڪن ۾ صرف 4 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي وڏو ظلم آهي، علي قربان ميراڻي لکيو ته افسوس سان لکڻو ٿو پئي ته بنا جواز اسان جي تقريبن اٺن ڳوٺن جي بجلي فيڊر قادرپور ڪافي وقت کان يارهن ھزار لائين ڪٽيل آھي ھن سخت گرميءَ جي لھر ۾ غريب ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رھيا آھن، ارشاد علي سومرو لکيو ته ميھڙ تعلقي ۾ بجلي نه جي برابر آھي چوويھه ڪلاڪن ۾ مجموعي طور ڇھه ڪلاڪ مس ٿي ھلي ان جا ذميوار واپڊا جا آفيسر آھن سرنديءَ وارا جن وٽ ايئر ڪنڊيشن آھن انھن کي ھٿ سان غير قانوني ڪنيڪشن ھڻي ڏين ٿا انهن کان پئسا وٺي پنھنجي پيٽ کي ڀرين ٿا اضافي بل وري شريف ماڻھو جيڪي آھن انھن ڏي موڪلين ٿا جنھن ڪري عام ماڻھو وڏي ويل ۾ آھن بجلي نه ھئڻ سبب ڪاروبار کي پڻ وڏو نقصان رسيو آهي درزي ڌوٻي ۽ ٻين دوڪاندارن سميت ھر ماڻھو پريشان آھي ھن لڱ ساڙيندڙ جهولن ۾ بجلي نه ھئڻ سبب گھرن ۾ ٻار عورتون ۽ مردن سميت ھر ماڻھو الٽي دست ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن پر حڪومت جو ان پاسي ڪو ڌيان نظر نٿو اچي ان سموري ڪوتاهي جا ذميوار واپڊا جا آفيسر آھن، شاهين سومار لکيو ته ڏيپلو جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ بجلي 24 مان 10 ڪلاڪ هلي ٿي، محمد فياض وساڻ لکيو ته ديھه اڀپور ۽ حاجي شاھ اسٽاپ بجلي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 2 ڪلاڪ جي آھي وڏو ظلم آجي سخت گرميءَ جي لھر ۾ غريب ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رھيا آھن، گلاب رستماڻي لکيو ته رڳو 2-3 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، ايم مقيم ڪنبوهه لکيو ته 4 ڪلاڪ هلي ٿي، ارسلان اسلم مهيسر لکيو ته ميھڙ ۾ سٽي فيڊرچوويهه ڪلاڪن ۾ صرف چار ڪلاڪ بجلي ھلندي آھي، رحمان علي لکيو ته ميھڙ شهر ۾ بجلي جو وڏو آزار آهي، جمشد علي مشوري لکيو ته اسان وٽ ته بجلي نالي ڪابه شي ناھي اسان جي ڳوٺ حاجي محمد حسن مشوري  ان جي آس پاس جيڪي به ڳوٺ آھن انھن ۾ بجلي جا ڳرا بل موڪليا ويندا آھن 24 ڪلاڪن ۾ بجلي صرف 2 ڪلاڪ ٿي ھلي ۽ 22 ڪلاڪ لوڍشٽينگ جاري آهي، رحمان رضا تنيو لکيو ته 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، علي رضا ٻرڙو لکيو ته ملير جي علائقي پپري ۾ 24 ڪلاڪن مان 12 ڪلاڪ بجلي بند رھي ٿي ڪڏهن ڪڏهن ته لڳاتار سڄو ڏينھن بجلي بند رھندي آھي جڏھن ته سڄي علائقي ۾ ميٽر به لڳل آھن ۽ بلن جي ادائگي به مقرر وقت تي علائقي واسي ڪندا آھن، جڳتدان ديول لکيو ته نيوڇور ۽ ھن جي آس پاس وارن علائقن ۾ بجلي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 12 ڪلاڪ ھجي ٿي  ھر ٻن ڪلاڪن  بعد 2ڪلاڪ لوڊسٽنگ ھوندي آهي، نيوڇور جو گرمي پد 46 ڊگري آهي  سنڌ جو گرم ترين علائقو آهي، لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي، باقر پتافي لکيو ته دادلغاري شھر جي جتي ڏينھن 4 ڪلاڪ ۽ رات جو 4 ڪلاڪ بجلي ڏني ويندي آھي ھتان جا شھري بل ڀرڻ باجود بجلي نه ھجڻ برابر آھي جڏھن بجلي ھلڻ جو نالو ناھي اتي وري ڳرا بل وٺڻ مان سمجھان ٿو اھا صارفين سان ناانصافي آھي حڪومت کي گھرجي بل ڏيندڙ شھرين کي بجلي ڏيڻ گھرجي ، اڪثر علائقن ۾ لائين مينن جي مدد سان بوگس ميٽر ھڻي ڏيڻ سبب بجلي چوري ٿئي پئي تنھن ڪري بجلي چوري ۾ اضافو ٿيڻ سبب بجلي کي گھٽ ڏنو پيو وڃي جنھن جو نقصان صرف بل ڀريندڙ صارفين کي آھي، احسان چانڊيو لکيو ته ٽنڊو باگو شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ 24 ڪلاڪن مان صرف 4 ڪلاڪ لائيٽ هلي ٿي، سردار مظهر گورچاڻي لکيو ته بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي، ذميوار اسين پاڻ آهيون جو غلط ماڻھن کي ووٽ ڏيئي اسيمبلين تائين پھچايو آھي سنڌ جي تباھي جو ذميوار سنڌ جو عوام آھي جنھن پنھنجي مستقبل جو فيصلو سوچي سمجھي نه ڪيو آھي، زاهد جمالي لکيو ته اسان وٽ نوابشاھه ۾ اڳي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر شڪر آ جڏھن کان آصف علي زرداري صدر ٿيو آهي تڏھن کان لوڊشيڊنگ زيرو ٿي وئي آهي ۽ امن امان جو به هاڻي ڪو مسئلو ناهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ڪنب کان بگودڙو لائن رات جو ڪلاڪ ڏيڍ ۽ وري منجهند وقت ڪلاڪ ڏيڍ ٻارنهن ڪلاڪن ۾ ٽي ڪلاڪ به مشڪل سان هلي ٿي بوزدار وڏا جي الڳ لائن اها بجلي وارن جي مرضي آهي ھلائن يا نه ڪير چوڻ وارو ناهي، احسان علي لکيو ته پيرو لاشاري ۽ ھن جي آس پاس وارن علائقن ۾ بجلي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 12 ڪلاڪ ھلي ٿي ھر ٻ ڪلاڪن کان پوءِ ٻ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هوندي آهي، گل حسن خاصخيلي لکيو ته تعلقي سعيدآباد جي بکرجمالي گرڊ اسٽيشن تي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جا پيسا ملندا آھن، پنج فيڊر وقفي وقفي سان بند ڪري سعيدآباد واري ڪچي واري علائقي ۾ بجلي وڪرو ڪئي پئي وڃي جتان حيسڪو سب ڊويزن سعيدآباد لکين رپيا منٿلي وٺندا آهن، ڳوٺاڻي علائقن کي بجلي اٽي ۾ لوڻ جيتري خيرات سمجھي ڏيندا آھن، نقاش پيرزادو لکيو ته 24 ڪلاڪن مان 8 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، ذميوار حڪومت آهي جنهن واپڊا کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، سرمد خليل کوسو لکيو ته ذميوار واپڊا وارا آھن ڇو جو ٻھراڙيءَ ۾ ڏٺو وڃي واپڊا وارا بجلي جا بل ڳوٺن ۾ نٿا پھچائين جڏھن ته ڳوٺن ۾ واپڊا طرفان پنھنجا پرائيويٽ مُلازم مقرر ڪيل آھن ، محمد ميراڻي لکيو ته پيرولاشاري ۾ بجلي نه هجڻ جي برابر آهي جنهن جي خاص وجهه بجلي چوري يعني ڪنڊي سسٽم جي ڪري آهي جنهن ۾ هتان جا واپڊا ملازم ۽ انهي جا رکيل پرائيويٽ مزدور آهن يونٽ بچائڻ ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي ۽ جڏهن ڪو واپڊا آفيسر جي اچڻ جو امڪان هوندو آهي ته واپڊا عملي ۾ ٿرٿلو ٿي ويندو آهي متان ڪو ثبوت رهجي نه وڃي، ياسين جوڻيجو لکيو ته اسان وٽ پيرولاشاري ۾ سڄي ڏينهن ۾ لائٽ 2 کان 4 چار ڪلاڪ هلي ٿي، اسد زرداري لکيو ته اسان جي شھر سرھاڙي ۾ بجلي جي 18ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آھي ھن شديد گرمي ۾ بجلي نه ھجڻ برابر آھي ان جا ذميوار واپڊا جا آفيسر ۽ شھر ۾ مقرر واپڊا جا ملازم آھن 6 ڪلاڪ بجلي اچي ٿي ته وري مقرر واپڊا ملازم ھٿ سان ڪنڊا لاھي بجلي بند ڪريو ڇڏين بجلي نه ھئڻ سبب شھر ۾ دڪاندار درزي ڌوٻي ھر ماڻھو پريشان آھي اسڪولي سينٽرن ۾ پيپر ڏيندڙ شاگردن تمام گھڻو پريشان آھن. مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته ضلعو ميرپورخاص به ھن وقت سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آ گرمي جو آزار مٿان حيسڪو وارا 24 ڪلاڪن ۾ صرف 10 ڪلاڪ بجلي ڏين ٿا مٿان ڳرا بل ڪنھن کي دانھن ڏجي، نور محمد کٽي لکي وته پنگريو ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آھي ڪير پڇڻ وارو ڪونھي لائين مين جا ماڻهو رکيل آھن في ڪنڊو 2000 اگهه هلي ٿو، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته نوابشاهه ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، اڪبر رحمان لکيو ته ضلعي سجاول جي شهر جاتي ۾ شديد گرمي ۾ حيسڪو اختيارين پاران اڻ اعلانيل 16 کان 18 بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري هجڻ ڪري جاتي شهر جي پنجا هزار کان مٿي آبادي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي جڏهن ته بجلي جي غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب واٽر سپلاءِ جو پاڻي به سپلاءِ نه ٿيڻ سبب گهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي اڻلڀ آهي جنهن ڪري شهري پيئڻ جو پاڻي پئسن تي في پاڻي جو ڊرم 500 رپين کان هزار رپين تي لهرائين ٿا، عادل الاهي بخش لکيو ته گرڊ مان نڪرندڙ بوزدار فيڊر تي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آھي ۽ باقي ٽائيم ۾ بار بار جهٽڪا ڏيئي بجلي بند ڪئي ويندي آھي ڪو به هنن کان پڇڻ وارو نه آھي، محمد حسين لکيو ته سرهاڙي ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته شھدادڪوٽ ۾ بجلي لوڊ شيڊنگ جو ڪو ٽائيم ئي ڪونهي، حميرگل راڄپر لکيو ته اسانجي ڪرونڊي شهر ۾ چوويهن ڪلاڪن مان صرف ٻه ڪلاڪ بجلي هلندي آهي، وشال رٻاري لکيو ته ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي پنجاھه ڳوٺن جي بجلي بند رهي ٿي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته ذميوار وڏيرا آهن، اسان جي شھر مقصودو رند ۾ بجلي جي لوڊشڊنگ 24ڪلاڪ مان صرف 4 ڪلاڪ هلي ٿي، جاويد احمد ڀرٽ لکيو ته نوشھروفيروز جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ صرف 3 ڪلاڪ هلندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن جا ڏينهن غائب هوندي آھي، غلام نبي لکيو ته خانپور مهر ۾ 24ڪلاڪن مان صرف 2 ڪلاڪ ڏينهن جو هلي ٿي، عبدالرئوف جمالي لکيو ته نوابشاهه جي يوسي حسن جمالي لکيو ته 20 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، اي ايم عباسي لکيو ته رڳو 6 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته قهر جي گرمي ۾ بجلي بند ڪن ٿا، اياز احمد بلوچ لکيو ته ميرپورماٿيلو شھر ۾شديد گرمي باوجود لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي، الهداد سرهاڙي لکيو ته بکر جمالي ۾ ڪنڊا ڪنيڪشن هلن ٿا انهي جا پئسا وٺندا آهن، آفتاب تيوڻو به سروي ۾ حصو ورتو، شاهد بلوچ لکيو ته نارو ۾ رڳو 10 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، ثناءُالله مهر لکيو ته سرمد موريو لکيو ته ٽنڊوڄام علي آباد ٽائون ۾ ٽن ڏينهن کان بجلي ناهي، زاهد ميمڻ لکيو ته دادو پير بخش ڪالوني ۾ 7 ڏينهن کان ٽرانسفارمر خراب آهي، پئسا به ورتا اٿن پوءِ به ٺاهي ناهي ڏنو، شاهد جمالي لکيو ته 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي.