سنڌ ۾ بدامني، حڪومت ۽ سنڌ پوليس جو ڪردار!

(حصو پهريون)

سنڌ ۾ جڏهن انصاف جي ڳالهه ايندي آهي ته اڪثر غيرب بي پهچ ماڻهو وڏا احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن پر افسوس جو انهن کي به سنڌ اندر انصاف ڏيندڙ ادارن مان زري جو انصاف به ناهي ملي سگھيو، سنڌ ۾ انصاف جي لاءِ بي پهچ غريب ماڻهو پريس ڪلبن اڳيان پاڻ تي ظلم خلاف دانهيندا رهندا آهن، انهن کي انصاف ملڻ ته پري جي ڳالهه پر ابتو پرامن احتجاج ڪندڙ مٿان پوليس پاران ڏنڊا وسايا ويندا آهن. پوليس جو تصور ڪرڻ سان اسان جي ذهن ۾ پنهنجي دفاع ۽ پنهنجي تحفظ ۽ امن جو خيال تري اچي ٿو، پوليس جي ڪمن ۽ ڪارنامن تي نظر وجھنداسين ته دل لڏي وڃي ٿي جيڪي زندگين جا محافظ عزتن جي عظمتن جا رکوال جان مال ملڪيت جا نگهبان هجن جيڪڏهن اهي ئي رات جا رهزن ٿي زندگي جي خوابن کي چڪناچور ڪن ۽ رهزن جيان ديس دورهي بڻجي وڃن ته پوءِ انهن کي سنڌ جي ڌرتيءَ پنهنجي هنج ۾ به جاءِ نه ڏيندي. پوليس جو اصل مقصد ڪنمزور کي ڏاڍي جي ظلم ۽ زيادتن کان تحفظ ڏيڻ آهي پر افسوس ڌرتيءَ ڌڻين جي تحفظ لاءِ پاتل واري به رهزن لکيل آهي سنڌ جا ٿاڻا سياسي ڀوتارن ۽ طاقتور ماڻهن جي ذاتي جاگير بڻجي ويا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ سنڌ پوليس جي ڪردار تي آڱريون کڄي رهيو آهن، سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار تحفظ ڏيڻ بدران خوف جو سبب بڻيل آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به ڏوهه جي جاچ دوران سنڌ پوليس جي هر قسم جي قانون انصاف ۽ انساني حقن جي احترام اخلاقيات کان جيئن آجي نظر اچي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ڏوهه ۽ ڏوهاري ختم ٿيڻ جي ڪا اميد رکي نٿي سگھي، سنڌ ۾ ڌاڙيل بي لغام بڻيل آهن، سنڌ جي مختلف شهرن مان امن پسند شهري اغوا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جون معصوم نياڻيون فصيلا سرڪي جنهن جي اغوا ٿيڻ کي 17 سال ٿي چڪا آهن پريا ڪماري کي اغوا ٿيندي چار سال ٿي چڪا آهن، سندن والدين ۽ سنڌ جا امن پسند شهري احتجاج ڪندي ڪڏهن به ناهن ٿڪا، پوليس بااثر اغوا ڪارن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي. سنڌ جا امن پسند ماڻهو لاوارث بڻيل آهن، سنڌ جي سون ورني ڌرتي ڏوهارين جو ڳڙهه بڻيل آهي، سنڌ جو اهو امن پسند شهري جيڪو قانون جو احترام به ڪندڙ آهي، اهو بيوس مجبور بڻيل ڏٺو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي دهشتگردي کي ڪير ختم ڪندو؟ جن وٽ سنڌ جا درجنن جي حساب سان ماڻهو يرغمال بڻيل آهن، سنڌ اندر روز اذيتناڪ روح کي چيڀائڻ وارا واقعا ڪڏهن ختم ٿيندا؟ اغوا ٿيندڙ جي وارثن جي احتجاج جو سلسلو بند ناهي ٿي سگھيو. جن کي پوليس پاران خاطريو ۽ آسرا ڏنا ٿا وڃن پر پوليس اڃ تائين پر ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. (جاري)

مسڪين راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن

مزدور ۽ اسان

جو معاشرو!

مزدوري ھڪ نه کٽندڙ محنت جو نالو آھي، مزدور ھڪ سچائي جي پيشي جو نالو آھي، جنھن جي عظمت ۽ اھميت دنيا جا مذھب، فلاسافر ۽ اسڪالر به ڪن ٿا. چيو ويندو آھي ته پورھيت خدا جو دوست آھي. حق حلال جو پورهيو به عبادت آھي حق حلال جو پورهيو ڪندڙ مزدور ڪڏھن به ڪنھن جا محتاج ناهن ٿيندا نه ئي ڪنھن جي آڏو ھٿ ٽنگيندا آھن. ھڪ مشھور قول آھي ته “الله به انھن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنھنجي مدد پاڻ ڪن ٿا.” اھڙيءَ طرح سان مزدور پنھنجو رت ست ڏئي پنھنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان گذر سفر ڪن ٿا. مزدور غربت جي لڪير اندر صدين کان وٺي پيڙھجندي نظر آيو آھي سندن جي حقن ۽ سھولتن لاءِ آواز بلند ته ڪيو وڃي ٿو پر مڃيل مطالبن تي عمل نه جي برابر ٿيندو آھي، جڏھن ته سنن ابن ماجه جي حديث نمبر 2443 ۾ اچي ٿو ته “پورھيت کي پگھر سڪڻ کان اڳ ۾ اجورو ادا ڪيو.” اچو ته تاريخ جي ورقن کي کولي معلوم ڪيون مزدورن آخر انقلاب کي ڪيئن جنم ڏنو؟ پھرين مئي مزدورن جي انقلابي جدوجھد جو ڏينھن آھي، جڏھن مزدورن پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جھڙوڪ گھٽ اجرت 12 کان 16 ڪلاڪن تائين ڪم وٺڻ، سڄو سڄو ھفتو ڪم ڪرڻ، موڪل نه ڏيڻ موڪل ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪرڻ سزا ڏيڻ، صحت ۽ حفاظت نه ڏيڻ، ڪنھن به قسم جا حق ۽ سھولتون نه ڏيڻ ۽ 18 سالن کان ننڍڙن ٻارن کان خطرناڪ ڪوئلي جي کاڻين ۽ ٻين خطرناڪ جڳھين تي ڪم ڪار ڪرائڻ خلاف آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ احتجاج ڪيو ويو ھو. جنھن ۾ مزدورن جي پھرين ضروري گھرج ھئي ته سندن کان اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرائڻ سميت سندن جي مزدور يونين کي مضبوط ڪري کين حق ڏيارڻ جا مطالبا شامل هئا ھن احتجاج ۾ مختلف ملڪن جي ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي ھئي، برٽش ڪائونسل جي ويب سائيٽ مطابق چاليھ ھزار مزدور احتجاج ۾ شريڪ ھئا، پھرئين ۽ ٻئين ڏينھن پرامن طريقي سان مزدورن جو احتجاج رھيو پر ٽن ڏينھن کان پوءِ 4 مئي تي شڪاگو جي تجارتي علائقي ھيمارڪيٽ وٽ مزدورن جي احتجاج دوران بم گرنيڊ اڇلايو ويو. جنھن جي نتيجي ۾ ست پوليس وارا ۽ چار عام شھري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ھئا، جنھن جو الزام مزدور ۽ انھن جي اڳواڻن تي مڙھيو ويو ۽ انھن مان ھڪ آپگھات ڪري ڇڏيو هو ۽ ٽن کي معاف ڪيو ۽ چئن ڄڻن کي ان شھر جي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ھئي. آمريڪا جي مزدورن جي احتجاج ھڪ انقلاب کي جنم ڏنو جنھن بعد اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ۽ ٻيون سھولتون فراهم ٿيڻ شروع ٿيون پر اڃان تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مزدورن سان ناانصافيون، ڏاڍايون ۽ ظلم ڪري سندن جي مزدوري ۽ ٻيا حق ھڙپ ڪيا وڃن ٿا.

طارق راڄپر/ڪراچي

قديم ولي محمد ڀٽي جي قبرستان جي سار لهو!

ولي محمد ڀٽي جي قبرستان لڳ ڀڳ ٽن ايڪڙن تي پکڙيل آهي جيڪو هن علائقي جو وڏي ۾ وڏو ۽ تاريخي قبرستان آهي پر افسوس جو هن جديد دور ۾ به هي قبرستان مڙني بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، جهڙوڪ چوديواري، نلڪو، لائيٽ وغيره. هي قبرستان وچ آباديءَ ۾ هئڻ باوجود به ان جا چارئي پاسا چوديواري موجود نه آهي، جنهن جي ڪري مختلف جانور ڏينهن توڙي رات جي وقت قبرستان ۾ داخل ٿي قبرن جي بيحرمتي ڪندا رهن ٿا، جنهن جي ڪري ڳوٺ ۽ علائقي واسين جي دل آزاري ٿئي ٿي. اسان پنهنجي اخبار جي هن چٺيءَ وسيلي ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد جي ٽائون آفيسر سميت ٻين اعليٰ اختيارن جو ڌيان هن قبرستان ڏانهن ضرور ڇڪرائيندس ته هن قبرستان کي به بنيادي سهولتون ڏئي هن ڳوٺ ۽ علائقي واسين جي بيچيني کي ختم ڪئي وڃي.

عبدالستار کوکر/ ڪنب

اسان اوهان کي به تربيت جي ضرورت آهي!

جڏھن اوھان ڪنھن سان به عيد يا ڪنھن عام ڏينھن تي ڪنھن دوست يار سان ملڻ وڃو، اوھان جي اتي پھچڻ سان ڏسو ته اھو دوست ذاتي ڪم ۾ مصروف ھجي، اوھان کي لفٽ ئي نه ڏئي ته پوءِ به اوھان ان جي تڏي تي ڄڻ زبردستي وڃي ساڻس عيد ملو، سلام دعا ڪريو ته اھا ھڪ پاسي، اوھان جي ان سان گھري محبت چئي سگھجي ٿي ته ٻئي پاسي بيوقوفي به پر اوھان سان گڏ ڪو به شخص ان جو اڍنگو رويو ڏسي ان سان ملڻ پسند ئي نه ڪري ۽ جنھن سان توھان مليا آهيو اھو شخص اوھان کي چئي ته دوستن کي به اوھان جيان تربيت ڏيو ٻڌايو، اھا به ڪھڙي تربيت آھي جو سنگت اوھان سان ملڻ اچي ۽ اوھان پنھنجي حصي جي ڪم جو ھڪ منٽ به سنگت کي نه ڏيو. ھو اوھان جي تڏي تي اوھان سان ڄڻ زبردستي اچي ملي، تنھن جي ڪري ٻين تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ وڏ ماڻھپو رکندڙ دوستن کي گھرجي ته پنھنجي ڳچيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسن، اوھان کي به تربيت حاصل ڪرڻ سخت ضرورت آھي، اوھان پنھنجن وڏن کان تربيت سکو، ڇو جو زندگيءَ ۾ جيڪو ماڻھو خاص ڪنھن سان وڏي حب مان ملڻ وڃي ته سامھون وارو مصروفيت ۾ اڻ واقفن جيان پيش اچي ته ڇا اوھان جي دوست جو روح زخمي ڪو نه ٿيو ھوندو؟

رياض امر ٻجورو/سجاول

نوشهروفيروز کي اين آءِ سي

وي ڊي جي سهولت ڏيو!

اين آءِ سي وي ڊي سنڌ حڪومت جو هڪ بهترين ادارو آهي، جنهن ۾ سموري ملڪ جي دل جي مريضن جو جديد طرز جو علاج مفت فراهم ڪيو ٿو وڃي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين آءِ سي وي ڊيءَ جا جديد طرز جا چيسٽ پين يونٽس پڻ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي اتان جي دل جي مريض بزرگ لاءِ هڪ تمام وڏي سهولت آهن. ضلعو نوشهرورفيروز جيڪو اڳ نوابشاهه جو هڪ تعلقو هو، نوشهروفيرو سنڌ جو مرڪزي ضلعو به سڏيو ويندو آهي، هن وقت اين آءِ سي وي ڊيءَ جا چيسٽ پين يونٽس جيڪي آئوٽ آف ڪراچي ڪم ڪري رهيا آهن انهن ۾ حيدرآباد، ٽنڊو باگو، عمر ڪوٽ، مٺي، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊو محمد خان، نوابشاهه، سيهوڻ، لاڙڪاڻو ۽ ٻين مختلف شهرن ۾ اين آءِ سي وي ڊيءَ جا چيسٽ پين يونٽس موجود آهن. نوشهروفيروز کان دل جي مريضن جو وڏو انگ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچيءَ جو رخ ڪندو آهي، ان جو سبب ڪراچيءَ ۾ سموريون سهولتو موجود آهن، اڪثر مريضن کي نوابشاهه يا ٻئي ڪنهن چيسٽ پين يونٽ مان ڪجھه ٽيسٽن لاءِ ڪراچي وڃڻ جو چيو ويندو آهي، ان لاءِ دل جا مريض سڌا ڪراچي ويندا آهن. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ به دل جا 99 سيڪڙو مريض بزرگ مرد ۽ عورتون هوندا آهن جن کي پڻ قطارن ۾ بيهاري، هڪ روڊ کان ٻئي روڊ تي وري ٻي قطار ۾ بيهاريو ويندو آهي ۽ اهي بزرگ جيڪي رات جو 2 وڳي کان قطارن ۾ اچي بيهندا آهن ۽ اها قطار شاهراهه فيصل روڊ تائين وڃي پهچندي آهي ۽ اڪثر مريض ڌڪا لڳڻ ۽ رش سبب زخمي ٿيندي پڻ ڏٺا ويا آهن، جيڪي اڳ ئي دل جا مريض هجن وري کين 8 کان 9 ڪلاڪ علاج لاءِ قطارن ۾ بيهاريو ويندو آهي، تن ۾ اڪثر پوڙهن ۽ بزرگن جي حالت غير ٿي ويندي آهي. اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ پوڙهن ۽ بزرگ مريضن لاءِ ڪو مڪينزم جوڙيو وڃي ۽ ضلعي نوشهروفيروز ۾ پڻ هڪ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ ڏنو وڃي ته جيئن هتان جي بزرگ ۽ پوڙهن مريضن کي ڏورانهن شهرن جو سفر نه ڪرڻو پوي. اميد ته سنڌ حڪومت بزرگ دل جي مريضن لاءِ ڪو نه ڪو قانون جوڙيندي جو کين 6 کان 8 ڪلاڪ قطار ۾ بيهي انتظار کان بچڻو پوي ۽ ضلعي نوشهروفيروز جي مريضن لاءِ پڻ اين آءِ سي وي ڊي يونٽ جي منظوري ڏني ويندي.

محمد ياسر نور/ٺٽ سولنگي، نوشهروفيروز

ڪڻڪ جي آبادگارن کي سهولتون ڏيو!

اسان جو ملڪ زرعي لحاظ کان زرخيز ۽ مالامال خطو آهي، هتي جا آبادگار ۽ هاري ڏينهن رات گرمين ۽ سياري ۾ محنت ڪري ملڪ کي چڱو ڀلو ناڻو ڪمائي ڏين ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتان جي پورهيت هارين کي اهي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن جيڪي ملڻ گهرجن جنهن ڪري هتان جا هاري احساسي محروميءَ جو شڪار آهن، هتان جي آبادگارن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، مثالطور پاڻيءَ جي کوٽ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون مهانگيون ملڻ، نامناسب ۽ سرڪاري اگھ نه ملڻ، وقت تي پئسا نه ملڻ ۽ باردانون نه ملڻ جھڙا انيڪ مسئلا موجود آهن. هن وقت سڄي سنڌ جيان خيرپور ۽ آسپاس ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار آهي ۽ لابارا پڻ جاري آهن پر سرڪاري خريداري مرڪز نه کليا آهن. جنهن جي ڪري آبادگار سستي اگھ تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جو اگھ مقرر ڪرڻ باوجود ان تي عمل نٿو ٿئي. واپاري آبادگارن کان من پسند اگھن تي في مڻ وٺي رهيا آهن، ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي ڦرڻ سميت ڪڻڪ گدامن ۾ غيرقانوني ذخيرو ڪرڻ لڳا آهن. آبادگارن کي سرڪار سالياني محنت جو پورو اجورو نٿي ملي. جيڪڏهن واپارين جيان ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪريون ته سرڪار اسان خلاف ڪارروائي ڪندي، باقي مقامي واپارين خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. آبادگارن سان ٻي ناجائزي به آهي ته هڪ پاسي حڪومت آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ جا صرف اعلان ٿي ڪري ته ٻئي پاسي ڪڻڪ لهندي ئي باردانو واپارين حوالي ڪري ننڍن آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، جيڪا هارين ۽ آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪڻڪ جو اگھ وڌائي باردانو ڏئي ترت خريداري مرڪز کولي آبادگارن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو/ ڪنب

اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سھولتون ڏيو!

سجاول لڳ قديمي ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهي، ڳوٺ ۾ نه پيئڻ جي صاف پاڻي جو نظام آهي نه پرائمري اسڪول جي عمارت، اها عمارت زبون حال هئڻ ۽ روڊ اکڙڻ سبب ڳوٺاڻ سخت پريشاني جو شڪار آهن، اسان جو ڳوٺ وڏي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو نظام نه هئڻ ڪري اسان کي مجبورن پري پري کان پاڻي ڀرڻو پوي ٿو، ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا ۽ اسڪول جا استاد پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پڙهائي ڪن ٿا، سجاول کان ڏيڊ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اسان جي ڳوٺ جو مين روڊ وڏي عرصي کان مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي شھر اچڻ وڃڻ ۾ وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو ۾ درپيش مسئلن ۽ ڳوٺ جو مين روڊ جلد ٺهرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو حق رکون ٿا.

محمد صديق مڇارو/سجاول

پاڪستان اسٽيل

ملز جي نيلامي!

(حصو ٽيون)

ان وقت جي فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جينياڻيءَ جي سهري جي خاص دلچسپي هئي ته پاڪستان اسٽيل ملز سستي اگھ تي خريد ڪري، جڏهن ته ان وقت سپريم ڪورٽ خاص دلچسپي جي بنياد تي قومي اداري کي بچائڻ لاءِ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو هو، بهرحال هڪ سٺو سنوڻ اهو ٿيو ته آخرڪار وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن سان Inverse counter major Nationalization Program 2 تحت اسٽيل ملز کي حڪومتي ملڪيت ۽ انتظام ڏانهن آندو ويو، ان جي آپريشنل پلانٽ جي گنجائش 50-30 % سيڪڙو تي پهچائي وئي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته هن قومي ملڪيت پاڪستان اسٽيل ملز جي نيلاميءَ بابت مزدورن جي عالمي ڏينهن تي جيڪو بيان بلاول ڀٽو زرداري جو بيان سامهون آيو آھي ته اسٽيل ملز جي نيلامي نه ڪرڻ گهرجي ۽ جي نيلامي ٿئي ٿي ته ان کي سنڌ حڪومت خريد ڪندي، ڇو ته اسٽيل ملز جي زمين هن وقت به سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھي. هن وقت جون ملڪي معيشت جون تقاضائون آھن ته ملڪ کي معاشي مسئلن مان نڪرڻ لاءِ قومي ادارن کي بجاءِ نيلام ڪرڻ جي انهن جي بهتريءَ ۽ سڌاري لاءِ فوري حڪمتي عملي جوڙي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، هن وقت خبر ناهي ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادين کي الائي ڇو ايتري تڪڙ آھي ته قومي ادارن خاص طور پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي کي خانگايو وڃي. هن وقت ملڪ مسئلن جي حل جي گهر اها آھي ته قومي قيادتن کي گڏجي ويهي قومي ڊائلاگ ڪرڻ کپي ۽ خانگائڻ واري عمل کي بلڪل به نفرت جي نگاھ سان ڏسڻ جي ضرورت آھي. ممڪن آهي ته موجوده حڪمرانن کي اها خبر هجڻ کپي ته جڏهن ريڪوڊڪ جهڙي ڪمپني بلوچستان ۾ ٻيهر ڪم شروع ڪري سگهي ٿي ته پوءِ هي هي ريڪوڊڪ واري ڪم کان وڏو قومي اسم پاڪستان اسٽيل ملز ڇو ڪو نه ٿي بهتر حڪمتي عملي اپنائي هلائي سگهجي؟ نئين حڪمتي عملي، نئين پاليسي ترتيب ڏئي فوري طور تي خاص طور پاڪ اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جهڙي ادارن کي نجڪاريءَ واري ڪڌي عمل کان روڪيو وڃي. ان سموري عمل جي مانيٽرنگ واري ۾ عمل ۾ نيب جي ڪنهن سينيئر عملدار کي ٽيم ۾ شامل ڪري ادارن کي ماضيءَ واري روشن عمل ڏانهن قدم کڻڻ جي انتهائي سخت ضرورت آھي.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

جيل جي ڊائريءَ جو ورق!

علي غلام مستوئيءَ چانهن وارو ٿرماس بلاسٽ ڪيو ڇڏي، جنهن جي ڌماڪي تي سموري وارڊ جا قيدي سجاڳ ٿيو ٿا پون، ڄنگھن، ڪلهن ۽ ايبس جي سخت ورزش سان ڏينهن جي شروعات ڪريان ٿو، هڪ ڪرسي وارڊ ۾ رواني ٿو ڪيان. اصل ۾ وارڊ ۾ هڪ ئي ڪُرسي آهي، جنهن تي آئون ويهي رهان ته سپاهي امجد ويچارو هيڏي هوڏي پيو ڦرندو آهي، ان لاءِ پنهنجي لاءِ ٻي ڪرسي کڻي آيس ته جيئن هو به ڊسٽرب نه ٿئي. ذوالفقار نڪرچ ڏي ماسٽر دانش سان گڏجي وڃان ٿو، جيڪو تمام گھڻي خدمت ٿو ڪري. اصل ۾ هُن جا ڪي ڪاغذ ماسٽر وٽ ڦاٿل آهن جنهن جي پارت ماسٽر کي ٿو ڪيان. لائبريريءَ ۾ ويٺا هئاسين ته پياري دوست ڪامريڊ منظور ڪانڌڙي صاحب جو نياپو آيو، جنهن سان ملي تمام گھڻي خوشي ٿي. ڪامريڊ چيو ته جڏهن توهان کي جيل بدلي ڪيو ويو هو ته مون کي توهان جا ڪجھه پنا ۽ لفافا مليا هئا، جيڪي مون پنهنجي ساهه ۾ سانڍي رکيا آهن. مُرڪي چوانس ٿو ته اِهي رف پنا هئا، جن جي توهان بي سبب تڪليف ڪئي، هو هڪ ٿڌو ساهه کڻي چوي ٿو ته ڀائو آصف انهن جي عبادت ڪندو هيس! ڇو جو اُهي توهان جھڙي انقلابيءَ جي هٿن جا لکيل هئا. مُرڪي ڀاڪر پايانس ٿو، شام جو اهي پنا منڇي ياسين ڀرڳڙي جي هٿان گھرايان ٿو، جن ۾ هڪ پنو ملي ٿو جيڪو خبر ناهي ته ڪنهن لکيو آهي سو ڪجھه هن طرح سان آهي. “اسان جو پيارو دوست آصف ڇلگري جيڪو انقلابي هيو، هُو مظلوم قيدين لاءِ ساهه ڏيندو هيو پر هُن بهادر آصف کي جيل وارن جيل مان ڪڍي ڪراچي جيل بدلي ڪري ڇڏيو آهي.” آئون مُرڪي اکرن کي پيار ڀري نگاهن سان ڏسان ٿو ته مون کي پنهنجي رائيٽنگ ۾ اهي اکر لکيل نظر اچن ٿا، “ايئن هميشه کان ٿورئي ٿيندو جو تون مون کي ڌوڪو ڏئي مارائين وڃي!“ منهنجي هانڊي والن کي رڳو آپا راحيلا مگسيءَ جي ايم اين اي ٿيڻ جو فڪر لڳو پيو آهي ۽ آئون امتحان جي ڪنٽرولر کي مون لاءِ لکيل ايس ايس پي صاحب جو خط پڙهان ٿو. (09 فيبروري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد