ڪراچي: مومن آباد مان اغوا ٿيل 12 ورهين جو نينگر قتل، لاش هٿ

0
31
ڪراچي: مومن آباد مان اغوا ٿيل 12 ورهين جو نينگر قتل، لاش هٿ
ڪراچي: مومن آباد مان اغوا ٿيل 12 ورهين جو نينگر قتل، لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي مومن آباد واري علائقي مان اغوا ٿيل 12 ورهين جو نينگر  قتل، لاش هٿ ڪيو ويو

اورنگي ٽائون مومن آباد مان اغوا ٿيل 12 ورهين جو نينگر قتل ٿي ويو، لاش هٿ، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

ايس پي اي وي سي سي جو چوڻ آهي ته نينگر عبيد کي مومن آباد مان 8مئي تي اغوا ڪيو ويو هو

جوابدارن مغوي نينگر جي وارثن  کان 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو

ايس پي اي وي سي سي جو وڌيڪ چوڻ آهي تهڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن جي نشاندهي تي نينگر  جو لاش هٿ ڪيو

ايس پي اي وي سي سي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ فرقان ۽ فرحان جي نالن سان ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا

واقعي جو ڪيس مومن آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، هڪ جوابدار مقتول ٻارڙي جو ڀيڻيوو آهي، معصوم نينگر جي بيدردي سان قتل تي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي