180شاگرد ۽ شاگردياڻيون-استاد هڪ: حيرت، خوشي ۽ افسوس جي گهڙي … اشفاق چانڊيو

0
22
180شاگرد ۽ شاگردياڻيون-استاد هڪ: حيرت، خوشي ۽ افسوس جي گهڙي ... اشفاق چانڊيو

 آءُ گورنميٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد علي گراماڻي ۾ امتحان وٺڻ لاءِ ويس. جيئن ئي اسڪول جي اندر داخل ٿيس ته شاگردن جي سراسري ڏسي حيران ٿي ويس .ھڪڙو استاد  ٻه ڪلاس 180 شاگرد جنھن ۾ 74 شاگردياڻيون ۽ 106 شاگرد موجود ھئا. آءُ بحيثيت ھڪ استاد جي سوچي رھيو ھيم ته سائين ايترن شاگردن کي ڪيئن پڙھايو ھوندو ۽ ڇا پڙھايو ھوندو؟.

ايئن ئي پنھنجي سوچ ۾ گم سم ھيم ته سائين غلام مصطفيٰ ڪلھوڙي چيو  سائين ڀلي ڪري آيئو.

مون چيو سائين خوش ھجو سلامت ھجو.

مونسان گڏ سينئر استاد سائين قمر الدين ڪلھوڙو پڻ گڏ ھيو.

سائين قمرالدين کي چيم سائين پاڻ کي بنا وقت وڃائڻ جي امتحان وٺڻ گھرجي.۽ شاگردن کان پنھنجي ڏنل ڪورس مطابق سوال جواب شروع ڪيا سين.

پاڻ کي امتحان وٺڻ ۾ تقريبن 03 ڪلاڪ لڳا شاگرد توڙي شاگردياڻيون ته مجموعي طور سڀئي هوشيار ھيون. مگر انھن سڀني کان ھڪڙي ادڙي جيڪا چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ھئي ڇا ته ھوشيار ھئي.؟

جڏھن آءُ کيس چيو پٽ مون کي ھاڻي بيت ٻڌاءِ.؟

ادڙي چوڻ لڳي سائين مان اوھان کي نائين ڪلاس جو بيت ٻڌائيديس.

مون ادڙي کان پڇيو بابا توھان نائين ڪلاس جو بيت ڪيئن ياد ڪيو آھي؟.

چيائين منھنجي وڏي ڀاءُ جو ڪتاب گھر پيو ھو اتان ياد ڪيو اٿم.

مون چيو ٺيڪ آھي پٽ ٻڌايو.

ادڙي اٿي بيھي چوڻ لڳي ،

جي ھنيانءُ نه ھارين ڪوھيارل ھي ڏينھن به گھاري ويندا سي ،

ڇو پير پڌاري ويٺو آن اٿ ڏونگر ڏاري ويندا سي.

سڄو بيت ادڙي ٻڌائي وئي.

مرشد اياز جو شاهڪار شاعري ٻڌي اکين ۾ لڙڪ تَري آيا.

منھنجي کيسي ۾ جيڪي ڏوڪڙ ھيا سي انعام طور ادڙي کي ڏئي چيم پٽ جيڪو تو ھي بيت ٻڌايو آھي ان جي اڳيان منھنجي ڏنل رقم ڪجھه به نه آھي.

پڇا ڳاڇا پوري ڪري رڪارڊ چيڪ ڪيو سي.

چوڻو اھو چيو ته ڪيتري نه بيحسي آھي اسان جي آفيسرن جي ھڪ استاد 180 شاگردن کي پڙھائي ٿو ۽ ان استاد جي سالن جي دانھن ڪرڻ جي باوجود کيس ٻيو استاد نه ملي سگھيو آھي.

لک شابسون لھڻيون سائين غلام مصطفيٰ ڪلھوڙي جو

صبح جو اٺين وڳي کان ڏيڍ وڳي تائين بغير ساھي جي مطلب رسيس جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازي رھيو  آھي.

اگر سائين غلام مصطفيٰ کي ٻيو نائب استاد ملي ته اڃان به ڪم بھتر ڪري سگھندو.

اعلئ آفيسرن کي گھرجي ته آفيسن مان نڪري اسڪولن تائين پھچن ته جيئن انھن کي استادن جي مسئلن جي خبر پئي ۽ انھن مسئلن جي حل لاءِ ڪي اپاءَ پڻ وٺن….. (فيس بوڪ تان ورتل)