سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاهنواز شر ڳوٺ ۾ تعليمي ادارن تان قبضا هٽائڻ خلاف ورتل اسٽي آرڊر ختم

0
23
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاهنواز شر ڳوٺ ۾ تعليمي ادارن تان قبضا هٽائڻ خلاف ورتل اسٽي آرڊر ختم
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاهنواز شر ڳوٺ ۾ تعليمي ادارن تان قبضا هٽائڻ خلاف ورتل اسٽي آرڊر ختم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي شاهنواز شر ڳوٺ ۾ تعليمي ادارن تان قبضا هٽائڻ خلاف ورتل اسٽي آرڊر ختم ڪري ڇڏيو

 سنڌ حڪومت کي ڳوٺ ۾ ووڪيشنل سينٽر، گرلس ڊگري ڪاليج ۽ شهيد بينظير ڀٽو فيملي پارڪ جو تعميراتي ڪم جاري رکڻ جو حڪم  ڏنو ويو

 شاهنواز شر ڳوٺ جي ٽنهي تعليمي ادارن تي قبضو ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل محبوب عباسي عدالت مان اسٽي ورتو هو

 عدالت ڌرين جي وڪيلن بئرسٽر سرفراز ميتلو، وڪيل آفتاب شر ۽ سرڪاري وڪيل عبدالجليل زبيدي جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ڏنو

 جسٽس شفيع محمد صديقي ۽ جسٽس ثنا خان ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، اسٽي وٺندڙ محبوب عباسي ۽ ٻين تي الزام آهن ته هنن جعلي دستاويزن ذريعي ٽنهي ادارن جي زمين تي قبضا ڪيا آهن

 هڪ رڪني بينچ قبضا هٽائڻ خلاف محبوب عباسي جي درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو، 2 رڪني بينچ اسٽي آرڊر کي ختم ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

وزيراعظم  جي حڪم باوجود ڪڻڪ جي اسڪينڊل بابت رپورٽ پيش نه ڪئي وئي