چين سستيون شيون ڪيئن ٿو ٺاهي ۽ اسان ڇا ٿا کائون ؟ … ،، ع لي ،،

0
24
چين سستيون شيون ڪيئن ٿو ٺاهي ۽ اسان ڇا ٿا کائون ؟ ... ،، ع لي ،،

ڪا به شي ٺاھڻ وقت ان شي تي ٽن مرحلن يا پاسن تي سوچيو ويندو آھي جيئن ان شي جي مارڪيٽ جي اھميت کي برقرار رکي سگھجي

1 اگھه 2 مقدار 3 معيار

اگھه

ڪا به شي ٺاھڻ کان اڳ ٺھندڙ شي جي  خام مال جو اگھه مزدوري لائيٽ جو خرچ ٽوٽل خرچ بچت لڳائي ويندي آھي

معيار

جيڪڏھن خام مال ۽ مزدوري جا اگھه وڌي ٿا ته وڃن ته اھا ڪمپني يا ماڻھون سوچيندو آھي ته معيار کي برقرار رکجي يا مقدار کي برقرار رکجي

جيڪڏھن معيار کي برقرار رکن ٿا ته يا قيمت وڌي ويندي يا مقدار گھٽجي ويندو

مقدار

 جيڪڏھن مارڪيٽ ۾  ھڪ شي سئو رپين ۾ 5 ملن ٿيون ۽ اگھه خام مال جا وڌي ويا آھن مطلب مھانگائي ٿي وئي آھي پوءِ به جيڪڏھن اھي شيون سئو ۾ 5 ئي ملن تي پڪ سمجھي وڃو ته شي جو معيار گھٽ آھي

ٿورو سوچيو

مٿيئن مثالن مان پاڻ وٽ ملندڙ کاڌي پيتي جي شين سميت ٻارن جي 1 رپئي ملندڙ ٽافين تي سوچيو اھي اسان کي ڇا ٿا کارائين ؟

چين ڇا ڪندو آھي ؟

چين دنيا جي مارڪيٽ ڏسندو آھي انھن جي خريد قوت ڏسندو آھي ته انھن جي خريد قوت ڪيتري آھي ؟

پوءِ ان حساب ھو اھڙيون گھٽ معياري شيون ٺاھي مارڪيٽ ۾ لاھيندو آھي جيئن ماڻھون وٺي سگھن ۽ چين جي مارڪيٽ ھلي سگھي

چين دنيا ۾ گھٽ معياري ۽ سستيون شيون ٺاھڻ ۾ دنيا ۾ پھريون ملڪ آھي جنھن جا خريدار اڪثر ڪري غريب يا ڏتڙيل ملڪ آھن… (فيس بوڪ تان ورتل)