ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کاتي جي اختيارين کي ميڊيا ورڪرن ۽ ميڊيا  ادارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه  اطلاعات کاتي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت صحافي برادري لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، صحافين کي صحافتي ذميواريون نڀائڻ دوران پيش ايندڙ ڏکيائين جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو، هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن، هن چيو ته پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اِي سميت سمورين صحافتي تنظيمن سان صحافين جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت مشاورت ڪئي وڃي، ميڊيا ورڪرن توڙي ميڊيا جي ادارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن، هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته عوام تائين آسان ۽ تڪڙي رسائي لاءِ سمورن سرڪاري کاتن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهيا وڃن.