اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن بل جي تياري تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي عورتن، اقليتن ۽ ٻار جي حقن کي يقيني بڻائڻ آهي. ذريعن موجب قانونسازي جو مقصد اهڙو سازگار ماحول ۽ ڊجيٽل ايڪو سسٽم ٺاهڻ آهي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا ڪمپنيون به ڀرپور نموني سان ڪم ڪري سگهن. ذريعن چيو آهي ته وزير اعظم پاڪستان ۾ نئين شروعات لاءِ آءِ ٽي جي وزارت کي ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، بل ذريعي سوشل ميڊيا ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پيش ايندڙ مسئلن حل ڪڍڻ ۾ مدد ورتي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بل ذريعي عورتن کي حراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ، ڊارڪ ۽ ڊيپ ويب ذريعي ٿيندڙ ڏوهن جي خاتمي لاءِ، گستاخاڻي مذهبي مواد کي سوشل ميڊيا تان هٽائڻ جي حوالي سان وڏي مدد ملندي. آءِ ٽي واري وزارت تجويزون ۽ پاليسي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. جنهن لاءِ ماهرن کان به مدد ورتي ويندي.