حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ شهيد بينظير آباد ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 تان آصفه ڀٽو زرداري جي بنا مقابلي ڪاميابي خلاف داخل پٽيشن خارج ڪندي پٽيشنر کي اليڪشن ٽربيونل سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ غلام مصطفيٰ رند ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن وفاقي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، صوبائي اليڪشن ڪمشنر، ريجنل اليڪشن ڪمشنر شهيد بينظير آباد، اين اي 207 جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر/ ڊي سي شهيد بينظير آباد، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر/ رٽرننگ آفيسر، شهيد بينظير آباد جي رهواسي معراج ۽ آصفه ڀٽو زرداري کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته آر او حيسڪو جو باقيدار ڄاڻائي سندس نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد هن لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ۽ عدالت فارم بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد کيس سڪرنڊ مان پوليس مبينا طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو ان ڪري فارم رد سمجهي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آصفه ڀٽو زرداري کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. 24 اپريل 2024ع تي پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين تنيو ۽ جسٽس يوسف علي سيد تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته پٽيشنر کي ان لاءِ پوليس هٿان گرفتار ڪرائي گم ڪيو ويو ته جيئن اين اي 207 تي آصفه ڀٽو زرداري کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائي سگهجي. عدالت وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 207 تي اميدوار جي بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي چڪو آهي ۽ اليڪشن پٽيشنز جا معاملا اڪلائڻ لاءِ ٽربيونل به قائم ڪيا ويا آهن ان ڪري اسان اهو معاملو نٿا ٻڌي سگهون. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سندن موجودگي ۾ شارٽ آرڊر تي پٽيشن رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد عدالت پاران ڄاڻايل پٽيشن تي ٽن پيجن تي مشتمل تفصيلي فيصلو به جاري ڪيو ويو آهي. پٽيشنر جي وڪيل جو چوڻ آهي ته هو ڄاڻايل معاملي خلاف هاڻي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ٽربيونل سان رجوع ڪندا.