لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي  ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز 2_2 تان برابر ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينٽ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 178 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم آخري ويهين اوور ۾ 169 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان پاران بابر اعظم 69 رنز جي اننگ کيڏي، ان کان سواءِ فخر زمان 43 ۽ عثمان خان 31 رنسون ٺاهيون نيوزيلينڊ پاران ٽم سيفرٽ 52 رنسن سان نمايان رهيو، مايئڪل بريسويل 23 رنز ٺاهيون.