مريم نواز جي پنجاب سرڪار کي وڏو جهٽڪو، لاهور هاءِ ڪورٽ جو وڏو حڪم

0
37

مريم نواز جي پنجاب سرڪار کي وڏو جهٽڪو، لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي شاگردن ۾ اليڪٽرانڪ بائيڪس ورهائڻ کان روڪي ڇڏيو

عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي شاگردن ۾ موٽرسائيڪلز ورهائڻ واري اسڪيم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

 عدالت چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب جي ڪهڙن شهرن ۾ ۽ ڪيتريون بائيڪس ورهايون پيون وڃن

 پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته سڄي صوبي ۾ 19 هزار پيٽرول بائيڪس ورهايون پيون وڃن

 جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ۾ چيو ته شاگردن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ لاءِ اتساهڻ گهرجي، شاگردن کي موٽرسائيڪلز ڏيندا ته هو ون وهيلنگ شروع ڪندا، ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي