ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ جمڙائو واھ مان نوجوان جو لاش ھٿ سندس سڃاڻپ نزديڪ آباد واسي صابو مري طور ٿي آھي، صابو مري 4 مارچ تي ڳوٺ ويجهو جمڙائو واري علائقي مان اغوا ٿي ويو ھو ۽ وارثن جي الزامن بعد کاڻ پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي سندس موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ٽن جوابدارن نور محمد مري، معشوق مري ،محبوب علي مري کي گرفتار ڪري سندن نشاندهي تي کاڻ پوليس سندن خلاف اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي ھئي. ٻن مھينن کان مغوي جي جمڙائو ڪئنال سميت مختلف علائقن ۾  ڳولا جاري ھئي ۽ سندس وارثن پاران سندس بازيابي لاءِ مختلف ھنڌن تي احتجاجي مظاھرا پڻ ڪيا پئي ويا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او نور محمد شر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدارن انڪشاف ڪيو ھو ته  ٻنهي ڌرين ۾ گھريلو تڪرار ھلندڙ ھو جنهن سبب صابو مري کي گھرائي ڪھاڙين جا وار ڪري مرڻينگ واري حالت ۾ کيس جمڙائو ڪئنال ۾ اڇلايو ھو، جوابدارن جي اھڙي انڪشاف بعد وارثن جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ۽ عدالت ۾ ڪيس ھلندڙ آھي.