لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجيمينٽ جي آفيس ٻاهران مقرر ڪيل گھاٽ جي وڏي منشي ممتاز علي ڀٽو ۽  اظهر علي ڪلهوڙو وچ ۾ ڊيوٽي دوران جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس جمعدار اظهر ڪلهوڙو طرفان سرڪاري جي ٿري سان فائر ڪري گھاٽ جي وڏي منشي ممتاز علي ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي ڊي ايس پي سول لائين ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو، هيڊڪوارٽر ڊي ايس پي سرفراز پيچوهو ۽ ايس ايڇ او سچل سجاد ڀٽي پوليس اهلڪارن سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا جن طرفان پوليس جمعدار اظهر علي ڪلهوڙو کي سرڪاري جي ٿري سميت گرفتار ڪري سچل ٿاڻي منتقل ڪرڻ بعد مقتول وڏي منشي جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو . ٻئي پاسي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي  ناصر آفتاب چيو آهي ته هيڊڪانسٽيبل خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

ايس ايس پي طرفان ڊي ايس پي سول لائن جاچ آفيسر مقرر، جاچ شروع

لاڙڪاڻو: واقعي جو ايس ايس پي روحل کوسو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سول لائين ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي روحل پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته وڏو منشي ممتاز علي ڀٽو ۽ پوليس جمعدار اظهر علي ڪلهوڙو سچل ٿاڻي جي حد ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ آفيس جي حفاظتي ڊيوٽي تي موجود هئا جتي ماني کائڻ بعد جلباڻي گهٽي ۾ ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ وڏو منشي ممتاز علي ڀٽو قتل ٿيو آهي، واقعي بعد پوليس هيڊڪانسٽيبل اظهر علي ڪلهوڙو کي سرڪاري هٿيار سميت گرفتار ڪري سچل ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي ٻڌايو ته جهيڙي جا ڪارڻ معلوم ڪيا پيا وڃن، ڊي ايس پي سول لائين ڊاڪٽر ظهور سومرو جي سربراهيءَ ۾ واقعي جي جاچ هلندڙ آهي، تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.

 

مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو

لاڙڪاڻو: مقتول وڏي منشي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش شهر جي خدا آباد محلي واري رهائشگاهه آندو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ويو. هوڏانهن آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.