ڪرمپور (ن پ ا) ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳڙھي تيغو روڊ تي هٿياربندن  فائرنگ ڪري ٻن سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند غلام حيدر ۽ عبدالرشيد بجاراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد بجاراڻي برادري جا ماڻهو  وڏي انگ ۾ پهتا، هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ بعد حد جي ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ويا، مارجي ويل ٻئي نوجوان سئوٽ هئا، جيڪي ڪچي جي ڳوٺ مهراڻ بجاراڻي جا رهواسي هئا، قتل ٿيل ٻئي ڄڻا ڳوٺ مان هنداڻن جي مزدا کي بدامني سبب انڊس هاءِ وي تي پهچائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڳڙھي تيغو روڊ وٽ شاخ ۾ لڪي ويٺل هٿياربند قتل ڪري فرار ٿي ويا، مارجي ويل نوجوانن جي چاچي مولابخش بجاراڻي چيو ته تيغاڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو آهي واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويا وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.