رهتون ۽ حق نه مليو ته وفاق خلاف تحريڪ هلائي ويندي، ڪي پي جي وڏي وزير جو وفاقي سرڪار کي چتاءُ

0
14

علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ماڻهن تي ٽئڪس لڳائي جيڪو پئسو ڪمائي رهيا آهيو، اُهو ڪٿي خرچ ڪيو وڃي ٿو؟ صوبي جا حق ۽ رهتون نٿا ڏيو، ڇا ڪري رهيا آهيو، ڪي پي جو حساب وٺندس ۽ توهان کي ڏيڻو پوندو، انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، صوبي ۾ لوڊشيڊنگ برداشت ڪئي ويندي

پشاور ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق کي ڪي پي جا ڏيڍ سئو ارب روپيا ڏيڻا آهن، صوبي جون رهتون واپس ڪريو، عوام کي سندن حق ڏيڻ گهرون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ سان ٿيل ظلم کي معاف ڪري اڳتي وڌڻ گهرون ٿا