دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري واسي 10 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل نينگر نعمان لغاري جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، ڌاڙيلن نينگر جي بازيابي لاءِ والد عبدالشڪور لغاري کي فون ڪري 25 لک رپيا ڀنگ گھريو آھي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي نينگر جي پيءُ ٻڌايو ته 2 ڏينھن اڳ ڌاڙيلن ڪال ڪري پٽ جي بازيابي لاءِ 25 لک ڀنگ گھريو، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، هن چو ته اسان مسڪين آھيون، ايتري رقم ادا نٿا ڪري سگھون، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي، واضع رھي ته 10 ڏينھن اڳ نينگر ڳوٺ کان مامن سان ملڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو وڃي رھيو ھو ته رستي مان گم ٿي ويو ھو، جنهن جي اغوا جي تصديق ٿي آهي.